ليکڪ: آصف علي جوکيو
جنگشاھي کان 13 ڪلوميٽر پري اتر طرف ڳوٺ حاجي شفيع محمد جوکيو ويجھو ڪي فور جي کوٽائي دوران مارو جبل ۾ ھڪ غار ملڻ جي خبر سوشل ميڊيا تي ھلي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به خبر ھلائڻ شروع ڪري ڇڏيون جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته قديم دور جا آثار ظاھر ٿيا آھن، جتي ماڻھو رھائش پذير ھئا وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ آرڪيالاجي وارن کان مطالبو ڪيو ويو ته اھي به اچي پنھنجو تحقيقي ڪم شروع ڪن، شروعات ۾ جيڪي ماڻهو غار اندر داخل ٿيا تن مان ڪنھن خبرون ھلايون ته 2 ڪلوميٽر تائين اندر وياسين پر پڇاڙي تائين نه پھتاسين، ڪنھن وري ٻڌايو ته اندر مسجد وانگر گنبذ ٺھيل آھن، ڪن اھا به خبر ھلائي ته غار اندر اھڙا پٿر آھن جيڪي اصل ۾ وھندڙ کير ھو جيڪو پٿر ٿي ويو آھي، ڪافي ماڻھو ان کي ڪنھن مرشد جو آستانو به سڏڻ لڳا ۽ جئي شاھ جا نعرا ھڻي رھيا ھئا، ڳوٺ مالماڙي مڪان کان تقريبن 15 کان 17 ڪلوميٽر اوڀر طرف غار آھي ۽ جنگشاھي کان 12 کان 15 ڪلوميٽر اتر طرف يوسي ڪوھستان 7/4 ۾ غار آھي، سو مون مڪلي مان دوست ثمرالدين کي موٽر سائيڪل تي کنيو ۽ جبل کان بابو خان جوکيو، نصرالله جوکيو ٻيا ساٿي غار ڏسڻ لاءِ مارو جبل وٽ پھتاسين، غار اصل ۾ مارو جبل ۾ ڪون ھو بلڪ ڄٻڙ ۽ مارو جبل جي وچ واري ميداني پٽ جيڪو سليڪا واري ۽ عام مٽي ۽ ننڍن پٿرن تي مشتمل آھي جنھن مان برسات جو پاڻي جذب ٿي سولائي سان زمين جي ھيٺين سطح تي وڃي ٿو اٽڪل 50 فوٽن کانپوء ھيٺ سخت پٿرن جي سطح جنھن کي مقامي ماڻھون تراڙ چوندا آھن جنھن سبب برسات جي پاڻي کي زمين ۾ وڌيڪ گھرائي ۾ وڃڻ جو رستو نٿو ملي ۽ لڳي پيو ته پاڻي پنھنجو رستو پاڻ زمين جي اندر پوروڇوٽ قدرتي نالي جي صورت ۾ بنايو آھي جا ڪي فور جي ڪٽائي دوران 2 کان 3 سال اڳ ظاھر ٿي، پر ويران علائقو ھئڻ جي ڪري ماڻھن کي ان بابت خبر پوندي ٽي سال گذري ويا، اسان کي غار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پھرين 50 فوٽ ھيٺ کانٽي ۾ لھڻو پيو، جتان چار پائپن جون ڪي فور جون وڏيون لائنون گذري رھيون ھيون، غار جي در مان داخل ٿيڻ به آسان نه ھو ڇو ته ڪي فور جي تر کان 10 فوٽ مٿي ھو جنھن ڪري اتي رکيل ڪاٺ جي ڊگھي ڦٽي تان گذري اندر داخل ٿياسين، غار جي اندر روشني جو ته نالو به نه ھو ۽ ٽارچ جي روشني سان اندر وياسين جتي اسان کي شروع ۾ ٿورو پنڌ ڪرڻ تي گنبذ واريون ڇتيون ڏسڻ ۾ آيون پر اھي قدرت جو ڪرشمو ھو، ڪنھن انسان جون ٺھيل نه ھيون، غار جي اندر وڏا کڏا ھئا تن جي سوڙھن پاسن تان جان جوکي ۾ وجھي گذرڻو پيو جيڪڏهن ڪنھن جو پير ترڪي پوي ته پنھنجون ڄنگهون ۽ ٻانھون ٽوڙائي يا جان وڃائي ويھي رھي، اڳيان ڪافي ننڍا ننڍا غار به نظر آيا، جن مان ماڻھون ٻاھر نڪري رھيا ھئا جيڪي اسان کان اڳ ۾ غار جي مختلف شاخن ۾ وڃي چڪا ھئا. اسان جي سنگت غار ۾ ھڪ ڪلوميٽر تائين اندر وئي پر اڳيان رستو خراب ھئڻ ڪري واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيوسين، پر غار جي اندر ٻين ٽولن مان ھڪ پالارين جو ٽولو ھو، انهن ٻڌايو ته اسان ٻه ڪلاڪ اڳ داخل ٿياسين ۽ پڇاڙي تائين پھتاسين وڌيڪ پڇڻ تي انھن جواب ڏنو ته اندازن 2 ڪلوميٽر تائين وياسين ۽ پرتي ماڻھون جي وڃڻ جو رستو ناھي پر پڇاڙي کانپوءِ به ننڍا سوراخ ٻئي طرف وڃن ٿا، غار جي اوچائي ڪٿي 3 فوٽ ته ڪٿي 6 فوٽ ھئي ۽ ڪٿي ته بنگلن جي برابر اوچائي ھئس ڪٿي لونڍي، ڪٿي رسڪي، ته ڪٿي بيھي ھلڻ جو مزو ورتوسين، غار جي ويڪر به ساڳي طرح ھر جڳھه تي مختلف ھئي، غار جي اندرين پاسي کان انساني ارتقائي دور جون نشانيون يا آستانو ھئڻ بابت ڪا به شاھدي نٿي ملي، پر ٻاھرين پاسي کان به اھڙا آثار نٿا ملن ڇو ته غار ڪنھن جبل ۾ ناھي پر زمين جي سڌي سطح تي 50 فوٽ ھيٺ مليو آھي، جنھن بابت گهڻن ماڻھن جو اھو ئي تاثر ھو ته پاڻي جو لنگھه آھي، رھي ڳالهھ ته زمين اندر اھڙا غار يا خال ڇو يا ڪيئن ٿا ٺھن؟ اھو ھڪ الڳ سوال آھي تنھن جو وڌيڪ بھتر جواب جيالاجي جا ماھر ڏئي سگھن ٿا، غار جي ويجھو مارو جبل جي باري ۾ ويجھڙائي ۾ آباد ڳوٺ حاجي شفيع محمد جوکيو جي معزز مرحوم يوسف جي پٽ صالح جوکيو ٻڌايو ته مارو ڪو شخص ھو جيڪو صديون اڳ ھتي رھندو ھو پر اھو ذات جو جوکيو ھو يا ڪو ٻيو ھو ان جي ڄاڻ نٿي ملي پر سندس نالي سان اھو جبل اڄ به مشھور آھي جبل جي ڀرپاسي کي مارون جون بازارون به چون ٿا، اتي مارون جون بازارون جو مطلب سندس وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا آھن، غار ڪنھن به پاسي کان انساني ارتقائي دور جو نه پر زير زمين قدرتي غار آھي.