196

مڻيادار ڪردار ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي…

ليکڪ: زين سولنگي

ناميارو سياستدان، سماج سڌارڪ  ۽ اڳوڻو سينيٽرمرحوم ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي جو جنم پهرين جنوري 1920ع ضلعي خيرپور جي تاريخي ڳوٺ گڏيجي ۾ ٿيو، غلام رسول صديقي بنيادي تعليم جا چار درجا پرائمري اسڪول گڏيجي مان پاس ڪيا، چئن درجن بعد ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخلا ورتي، امتحان شڪارپور سينٽر تي بمبئي يونيورسٽي طرفان ورتو ويو،  1939ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، هن کي انٽرميڊئيٽ لاءِ اسٽيٽ گورنمينٽ خيرپور طرفان اسڪالرشپ ملي جنهن تحت هن فرسٽ ايئر جو امتحان ريگيولر جهونا ڳڙهه (انڊيا) مان پاس ڪيو، سيڪنڊ ايئر ڪراچيءَ مان 1941ع ۾ پاس ڪيو، هن کي پاس سرٽيفڪيٽ بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مليو، انٽر ميڊئيٽ کانپوءِ هن ايل ايل بي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾  داخلا ورتي، جتان 1943ع ۾ ايل ايل بي ڪئي، اهو لا ڪاليج هن وقت ايس ايم لا ڪاليج سان مشهور آهي) ان بعد هن بي اي جو امتحان به ڪراچيءَ مان پاس ڪيو، هن 1945ع ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي، ملڪ پاڪستان جي نامياري قانوندان اي ڪي بروهي جو پارٽنر ٿيو، ڪجهه وقت بعد خيرپور جي رياست هن کي نوٽيس جاري ڪيو ته اوهان رياست خيرپور لاءِ ڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوهان کي اڳ رياست خيرپور طرفان اسڪالرشپ ڏني وئي هئي، پوءِ غلام رسول صديقي اي ڪي بروهي جي پارٽنرشپ ڇڏي هن خيرپور ۾ وڪالت شروع ڪئي، جڏهن غلام رسول صديقي  خيرپور ۾ ڪم جي شروعات ڪئي ته هن کي رياست خيرپور طرفان جج بڻجڻ جي آفر ڪئي وئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ وڪالت کي ترجيح ڏني، 1950ع ۾  غلام رسول صديقي جن پير صاحب پاڳاري جي مدد سان نارا واري ايريا مان ميمبر آف ليجسليٽو اسيمبلي (ايم ايل اي) چونڊيو هو، بعد جنهن کي رياست خيرپور جي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو هو. ون يونٽ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ هن وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪري ڏني، غلام رسول صديقي هڪ پروفيشنل وڪيل هجڻ سان گڏ ايمانتدار، فراخدل، مهمان نواز ۽ هڏ ڏوکي انسان هو، هن وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايو، سول ڪيسز جو ماهر هو، 1956ع ۾ هو خيرپور بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو،  1957ع ۾ خيرپور بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو. 1960ع ۾ سيشن جج پشاور جو آفر آرڊر حاصل ڪيو پر هن ان پوسٽ کي جوائن نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي وڪالت ۽ سياست سان گَهِري دلچسپي هئي، شاگرديءَ واري دور کان غلام رسول صديقي کي سياست ۾ دلچسپي هئي، هو شاگرديءَ واري دور کان مختلف سياسي سرگرمين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، 1940ع ۾ غلام رسول صديقي ۽ پروفيسر نبي بخش بلوچ شاگردن جي ڊيليگيشن سان 23 مارچ 1940ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي، ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي ملڪ کي بڻائڻ واري تحريڪ جو هڪ محنتي ۽ ايڪٽو ورڪر هو.1940ع کان ملڪ بڻائڻ وارن ڪيترن ئي جلوسن، جلسن، گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي هئي. انهن ڏهاڙن ۾ ان وقت جي سرڪار هن کي گرفتار ڪرڻ جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا هئا، هن ان وقت لاهور ڪورٽ ۾ پيش ٿي ضمانت ورتي هئي، لڳ ڀڳ 1940ع دوران غلام رسول صديقي جهونا ڳڙهه ۾ تعليم دوران مولانا مشرقي جي خاڪسار تحريڪ ۾ به شامل ٿيو هو، جهونا ڳڙهه ۾ تعليم دوران بمبئي، آگرا، تاج محل، دهلي وغيره گهميا هئا،  غلام رسول صديقي يونين ڪائونسل گڏيجيءَ جو پهريون چيئرمين بڻجڻ جو پڻ اعزاز رکي ٿو، غلام رسول صديقي محترمه فاطمه جناح جو همدرد هو، جڏهن محترمه فاطمه جناح صدارتي اميدوار جي اليڪشن ۾ بيٺي ته غلام رسول صديقي هن جو گمبٽ واري پولنگ اسٽيشن تي ايجنٽ بيٺو، مارچ 1968ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي ڏانهن هڪ وفد موڪليو، جن ۾ مير رسول بخش ٽالپر، عبدالوحيد ڪٽپر ۽ ممتاز علي ڀٽو شامل هئا، جن غلام رسول صديقي کي ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو پيغام پهچايو، ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي، ايڊووڪيٽ هادي بخش لاڙڪ شڪارپور ۾ قاضي عبدالقادر جي رهائشگاهه تي هڪ وڏي ميڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، ذوالفقار علي ڀٽو ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي کي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي خيرپور جو صدر چونڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ هادي بخش لاڙڪ کي چونڊيو هو، ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي جي ڪوششن سان ڪيتريون ئي شخصيتون پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيون، 1975ع ۾ ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ڪائونسل جا ميمبر بڻيو، اهو عهدو آخر تائين هن وٽ رهيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي کي سينٽر بنايو، هيءُ هڪ قابل ماڻهو هو ، ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي سينيٽ جي ايوان ۾ مفت ۽ لازمي تعليم ڏيڻ تي آواز بلند ڪيو هو، جڏهن ضياءُالحق مارشل لا لڳائي ته ان دور ۾ غلام رسول صديقي تي ڪيس  ٿيا ، هو ٻه ڀيرا جيل ۾ رهيو، پاڻ وڏو وقت  صديقي هائوس خيرپور تي هائوس اريسٽ به رهيو، ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي سياست کي عبادت سمجهي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي، اڳوڻي سينيٽر ايڊووڪيٽ غلام رسول صديقي مارچ 1968ع کان 22 نومبر 1985ع تائين پ پ پ ضلع خيرپور جو صدر رهيو، 22 نومبر 1985ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين گڏيجيءَ جي قبرستان ۾ ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو