183

سنڌ جي 19 ماڻهن سميت ملڪ ۾ڪورونا وبا وگهي وڌيڪ 92 مريض فوت، 2 هزار 28 متاثر

اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وگهي وڌيڪ 92 مريض فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ  2 هزار 28 نوان ماڻهو متاثر پڻ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 51  هزار 523 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2 هزار  28ماڻهو متاثر نڪتا. اهڙي طرح پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 21 هزار 22 ٿي ويو آهي.جڏهن ته  ڪورونا جي متاثر ڪل مريضن جو انگ 9 لک 26 هزار 695 ٿي ويو آهي.جن مان سنڌ ۾ 3 لک 20 هزار 488، پنجاب ۾ 3 لک 40 هزار 989، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 33 هزار 450، اسلام آباد ۾ 81 هزار 466، بلوچستان ۾ 25 هزار 370، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 344 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 608 متاثر شامل آهن. انهن مان5 لک 74 هزار  852 متاثر صحتياب ٿي ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر وڌيڪ 16 مريض فوت ۽ 937 متاثر ٿيا آهن. جنهن کان پوءِ  سنڌ ۾ فوتين جو ڪل انگ 5089 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ڪراچيءَ ۾ 473، ضلع حيدرآباد ۾ 57، ضلع ميرپورخاص 35، ضلع ٺٽي ۾ 31، ضلع سکر ۾ ضلع بدين ۾ 29، ضلع دادو ۾ 23، ضلع گهوٽڪي ۾ 22، ضلع سجاول ۾ 17، ضلع نوشهريفيروز  ۾16، ضلع قمبر ۾ 14، ضلع سانگهڙ ضلع 14، ضلع ٽنڊي الهيار  ۾ 13، ضلع ٿرپارڪر ۾13، ضلع عمرڪوٽ ۾13، شهيد بينظير آباد ۾12،  ضلع مٽياري ۾ 12، ضلع ڄامشوري ۾ 10، ضلع جيڪب آباد  ۾9 ، ضلع لاڙڪاڻي ۾  9، ضلع خيرپور۾6، ضلع ٽنڊي محمد خان ۾ 5 ۽ ضلع شڪارپور ۾ 4 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ ۾ هن وقت 890 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن مان 77 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي اين سي او سي ڪورونا ويڪسين جو هڪ ڊوز لڳرائي پرڏيهه ويندڙن کي ڪچو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو سرٽيفڪيٽ نادرا جي  آن لائن نظام مان جاري ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو