241

خيرپور ۾ ميرواهه ڪئنال تي وهنجندي نينگر ۽ نياڻي ٻڏي فوت، هڪ جو لاش هٿ

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ ميرواهه ڪئنال تي وهنجندي نينگر ۽ نياڻي ٻڏي فوت، هڪ جو لاش هٿ، ان سلسلي ۾ ڳوٺ وڏا سمنگ وٽ عبدالله پٽ حڪيم شيخ ۽ نياڻي هير ڌيءُ علي بخش شيخ وهنجندي ٻڏي فوت ٿيا، واهه تي بيٺل ماڻهن بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه بچائي سگهيا، ڳولا بعد عبدالله جو لاش هٿ ڪيو ويو، ٻئي جي لاش جي ڳولا جاري آهي، هوڏانهن ڊي سي خيرپور اطلاع تي سکر مان ٽوٻا گهرائي ورتا،جن پڻ لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي هئي، پر خبر موڪلڻ تائين لاش هٿ نه آيو، هوڏانهن وارثن ٻڌايو ته سخت گرمي هجڻ سبب ٻارڙا ٻين ٻارڙن سان گڏ واهه تي وهنجڻ ويا، جتي هو ٻڏي فوت ٿيا، نياڻي هير جو لاش ناهي مليو، هوڏانهن ٻارڙن جي گهر ۾ ڪهرام متل هو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو