135

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جو 2018 وارو چٽا ڀيٽي امتحان ۽ 1783 ڊاڪٽرن جون ڀرتيون رد ڪري ڇڏيون

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي چيئرمئن ۽ ميمبرن جي مقرري قاعدن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميش ذريعي2018 ۾ ٿيل  1783 ڊاڪٽرن جون ڀرتيون ۽ 2018 وارو چٽا ڀيٽي وار ي  امتحان ذريعي ڀرتي ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جون مقرريون پڻ رد ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ جي الزامن هيٺ ميڊيڪل جي شاگردياڻي مخدوم اسماءَ  جي درخواست محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي. 30 صفحن تي ٻڌل  فيصلي ۾ عدالت  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 2018ع ۾ ٿيل 1783 ڊاڪٽرن ۽ چٽا ڀيٽي واري امتحان ذريعي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جون سموريون ڀرتيون رد ڪري ڇڏيون آھن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ بابت سنڌ گورنمينٽ بزنس رولز  1983 جي ابتڙ آهي، عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا 2017 وارا رولز پڻ معطل ڪري ڇڏيا آهن.  عدالت سنڌ حڪومت کي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن جهڙو طريقو آڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته وڏي وزير کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمئن مقرر ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي. عدالت ڪميشن جي چيئرمئن کي معطل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ۽ ڪميشن جي سيڪريٽري  عطاءُالله شاهه جي معطلي پڻ برقرار رکي ڇڏي. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ کي به غيرقانوني قرار ڏيندي ڪميشن جي ويب سائيٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آھي تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيھر مقررين لاءِ اشتھار جاري ڪندو، جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت ڄاڻايو آھي تھ 2018 ۾ گڏيل چٽاڀيٽي ذريعي مقرر ٿيل سمورن ڪامورن جون مقرريون غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيون آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن جي ايڪٽ 1989 تحت عدالت سمورين مقررين، انٽرويوز، نوڪرين جي اشتهارن تي پڻ پابندي هڻي ڇڏي آهي. عدالت سنڌ حڪومت کي بھ حڪم  ڪيو آھي تھ ھو جيڪڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  ۾پنھنجو رول آڻڻ چاھي ٿي تھ اھو آسٽريليا ۽ نيزيلينڊ وانگر ھجي، جنهن ذريعي مناسب  ماڻھو ۽ مناسب نوڪري واري فارمولا هيٺ مقرريون ڪري سگهجن، اميدوار بنا خوف ۽ لالچ جي انٽرويو ڏئي سگھن  ۽ انھن کي اھا نوڪري ملي  سگھي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لڳي ايئن ٿو ته ادارو ڪرپشن جي هڪ هول سيل دڪان جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڪميشن ۾ شفافيت جو نظام جوڙي ميريٽ جي بنياد ڀرتيون ڪيون وڃن، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن کي مقرر ڪرڻ جو قانوني اختيار نه آهي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته هاڻي پبلڪ سروس ڪميشن جون ٽيسٽون، انٽرويو، ڀرتيون ۽ ٽينڊر وغيره نئين قانون تحت ٿيندا ۽ عدالت جو 15 اپريل 2021ع وارو آرڊر به پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندو، عدالت چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرنيٽ تي هلندڙ ويب سائٽ ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن ان ڪري ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. عدالت درخواست گذارن سميت سمورن متاثر ماڻهن لاءِ تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي هاڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين قانون مطابق اشتهار جاري ٿيڻ بعد قانوني طريقي سان درخواستون ڏيندا جن جون مقرريون ميرٽ تي ڪيون وينديون. اهڙين سفارشن بعد عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو