154

اسلام آباد ايئرپورٽ تي تيز ھوائن سبب تربيتي جھاز ڪلٽي، پرن کي نقصان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ايئرپورٽ تي تيز ھوائن سبب فلائنگ ڪلب جو تربيتي جھاز ڪلٽي ٿيڻ ۽ مينھن پوڻ کانپوءِ ايئرپورٽ جي ڇت ٽمڻ لڳي. گذريل رات تيز ھوائن سبب فلائنگ ڪلب جو جھاز ڪلٽي ٿي پيو، جنھن سبب جھاز جي پرن کي نقصان پھتو آھي. ھلڪي برسات ۽ تيز ھوائن سبب ايئرپورٽ جو ھڪ دروازو ۽ 2 دريون بھ ٽٽي پيون. تيز برسات سبب اميگريشن ھال جي ڇت جي سيلنگ بھ ھيٺ ڪري پئي پر ڪنھن بھ قسم جو جاني نقصان نھ ٿيو. ياد رھي تھ گذريل سال بھ اسلام آباد ائيرپورٽ جي انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڊيپارچر جي ڇت جي سيلنگ ڪري پئي ھئي. جنھن کانپوءِ مينھن جو پاڻي بھ لائونجز ۾ داخل ٿي ويو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو