اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ جو حق ڏيڻ وارو آرڊيننس چئلينج، ن ليگ اڳواڻ ۽ ايم اين اي شاهنواز رانجها پنهنجي وڪيل معرفت صدارتي آرڊيننس هاءِڪورٽ اسلام آباد ۾ چئلينج ڪيو، ان مو قعي تي درخواستگذار ٻڌايو ته حڪومت هڪ صفحي تي مشتمل آرڊيننس جاري ڪيو، اهم نوعيت جي قانونسازي لاءِ عوام کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، هن ٻڌايو ته 24 سيپٽمبر 2018ع کان هينئر تائين حڪومت 54 صدارتي آرڊيننس جاري ڪري چڪي آهي، محسن شاهنواز رانجها عدالت کي اپيل ڪئي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي آرڊينن ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
137