اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي معيشت جي الف ب به نه ٿي اچي، پري بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيوته هن وقت حڪومت جي آمدني 300 ارب کان وڌيڪ آهي پر 600 ارب ڦيري وارو قرض آهي، گذريل 3 سالن ۾ اسان جي جي ڊي پي گهٽ ٿي آهي، معيشت تباهه ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان1150 ارب جو سرڪلر ڊيٽ ڇڏيو هو جيڪو وڌي 2150 ارب ٿي ويو آهي.
206