126

پگهارن لاءِ به قرض وٺندڙ پي ٽي آءِ معاشي محاذ تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ)پاڪستان  پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آ ءِ حڪومت معاشي محاذ تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار جي دعويٰ ڪئي پر سال ۾ اٽو 28 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جڏهن ته کنڊ 21 سيڪڙو مهانگي ٿي آهي.  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه ۾ 60 سيڪڙو واڌ جو فائدو پڻ پي ٽي آءِ جي اشرافيه ئي ورتو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت جون صنعتي ترقي جون دعوائون به کل جوڳيون ئي آهن. ٻي پاسي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان زرداري هائوس ۾ پ پ خيبر پختونخوا جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ اڳوڻي سينيٽر روبينه خالد، پ پ ضلعي اسلام آباد جي صدر ايڊووڪيٽ راجا شڪيل عباس ۽ پ پ آزاد ڪشمير جي اڳواڻ آصف شفيق ستي ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پارٽي جي لاڳاپيل علائقن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو