205

مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ماڻهو شادي ڇو ڪندا آهن: ملالا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ۽ سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي جو برطانوي فيشن ميگزين کي ڏنل انٽرويو تڪراري بڻجي ويو آهي، ملالا انٽرويو ۾ چيو آهي ته مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ماڻهو شادي ڇو ڪندا آهن، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻ چاهيو ٿا ته ڪاغذن تي صحيح جي ڇا ضرورت آهي، اها هڪ پارٽنر شپ ڇو نٿي ٿي سگهي، ملالا جو چوڻ هو ته ٻين مائرن جي طرح منهنجي والده به ان ڳالهه سان اتفاق نه ٿي ڪري، هن مونکي چيو آهي ته آئنده اهري ڳالهه نه ڪجان، توکي شادي ڪرڻي آهي، شادي هڪ خوبصورت رشتو آهي، ملالا جي اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا تي صارفين جي سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ٽوئٽر تي پڻ ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل رهيو، پر ملالا جو ان حوالي سان ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو