لوڌران(ويب ڊيسڪ)وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر اين آر او لاءِ چوي ٿي ته حڪومت ڪيترائي ڇڏينداسين ۽ پاڻ کي جمهوري سڏرائيندڙ پي ڊي ايم وارا فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لا3 پيا چون. اهڙو اظهار هن لوڌرا کان ملتان شاهراهه جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي واري رٿا جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته جيئن ئي اسان حڪومت ۾ آياسين ته چيو ويو ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ پر اسان اڍائي سال صبر سان گذاريا، ميڊيا به تاثر ڏنو ته بٽڻ آن ڪبو ته نئون پاڪستان ٺهي ويندو جڏهن ته مخالف ڌر به اين آر او جي لاءِ ڊرامو ڪيو ۽ تنقيد ڪئي، اِهو منهنجي لاءِ، منهنجي ٽيم لاءِ ۽ عوام لاءِ سبق آهي ته معاشري ۾ تبديلي جدوجهد سان ايندي آهي. هن چيو ته 1947ع کان پوءِ هن وقت ملڪ جو نظام تبديل ڪرڻ ۽ مافيا کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد هلي رهي آهي،اها اسان جي نسلن جي لاءِ اهم جدوجهد آهي، اها قانون جي حڪمراني جي جدوجهد آهي، ان سان ئي معاشري کي بدلجڻو آهي، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻو آهي.تبديلي جدوجهد سان ئي ايندي آهي ڪوبه معاشرو جدوجهد کان سواءِ نه بدلجندو آهي، هن نظام مان فائدو کڻندڙ ماڻهو اسٽيٽس کي بدلائڻ جي خلاف مزاحمت ڪندا آهن. ان دوران مافيا حڪومت جي ناڪامي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هتي هر جاءِ تي مافيا آهي جيڪا چاهي ٿي ته حڪومت ناڪام ٿئي جيئن هو فائدو کڻي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ڪو به ملڪ ڏسي وٺو، اُتي ڪا به قبضا مافيا، کنڊ مافيا يا سياسي مافيا نه آهي. هي چون ٿا ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائينداسين، پاڻ کي جمهوري چوندڙ پي ڊي ايم وارا فوج کي چئي رهيا آهن ته حڪومت ڪيرايو، انهن جو مقصد پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي ۽ هي ان جي خاطر حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڇو ته پرڏيهه ۾انهن جا اربين روپيا پيل آهن، هنن کي ڊپ آهي ته اِهي پيسا واپس اچي ويندا، هنن جون چوريون آڏو اچي رهيون آهن ان ڪري هنن جي ڪوشش آهي ته ڪنهن نه ڪنهن حڪومت ڪيرايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ڏسو اڄ ڪهڙيون حالتون آهن، ڀارت جي حڪومت جيڪي فيصلا ڪيا انهن جو ڪهڙو حال ٿي ويو، هن وقت انهن جو مائنس 7 گروٿ ريٽ آهي ۽ اسان جو 4 سيڪڙو تي هليو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا آئي ته ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جون حالتون ڏاڍيون خراب هيون، ڪورونا وبا جي ڪري سياحت جو شعبو متاثر ٿيو، هاڻي سياحت بحال پئي ٿئي ان سان پرڏيهي ناڻي ۾ واڌ ڪري پنهنجي ڪرنٽ اڪائونٽ تان دٻاءُ ختم ڪري سگهون ٿا، آبادگارن لاءِ جيڪو پئڪيج آڻي رهيا آهيون ان سان 60ع جي ڏهاڪي جو انقلاب هڪ ڀيرو ٻيهر ايندو، ايندڙ ڏينهن ۾ قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
212