201

جيڪب آباد جو سياسي جائزو

ليکڪ: ڳڙهي خيرو مان اي ڊي کوکر لکي ٿو

جيڪب آباد ضلعي اندر اليڪشن کان اڳ اليڪشن جھڙي صورت حال پيدا ٿي وئي آھي، ڪيترائي سياستدان پاڻ سان اتحادي جوڙڻ ۾ مصروف نظر اچن پيا.ھن ضلعي اندر قومي اسيمبلي جي ھڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جون ٽي سيٽون آهن.جن مان گذريل چونڊن ۾ 2 سيٽون پي ٽي آءِ ڏانھن ھليون ويون ته ٻن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا، قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 196 تان سردار محمد ميان سومرو مير اعجاز خان جکراڻي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيو جڏھن ته پي ايس 1 جيڪب آباد شھر واري سيٽ تان مسلم ليگ ن کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ محمد اسلم ابڙو پيپلزپارٽي جي اميدوار مير اورنگزيب پنھور کي ھارائي ڪامياب ٿيو.جڏھن ته پي ايس 2 ٺل واري سيٽ تان پيپلزپارٽي جي اميدوار ڊاڪٽر سھراب سرڪي پي ٽي آءِ جي اميدوار مير طاهر خان کوسو کي ھارائي ڪامياب ٿيو.جڏھن ته پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تان پيپلزپارٽي جي اميدوار مير ممتاز خان جکراڻي پي ٽي آءِ جي اميدوار سخي سردار عبدالرزاق کوسو کي ھارائي ڪامياب ٿيو، 2023ع جي چونڊن لاءِ سمورن سياستدانن هاڻ کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي تعزيتون ڪندي يا مبارڪون ڏيندي نظر اچن پيا ۽ سياسي جوڙ جڪ ۾ به تيزي آڻي ڇڏي آهي، مثال طور محمد اسلم ابڙو، مير طاھر خان کوسو ، مير جھانگير خان بنگلاڻي پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا آهن، ذريعن موجب ته مير اعجاز خان جکراڻي جي ڪوششن سان جلد ضلعي جيڪب آباد جا ٻيا اھم سياسي اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندا، ان صورت حال ۾ عوام جو سوال آهي ته جيڪب آباد ۾ قومي اسيمبلي جي ھڪ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 3 آھن  جڏهن ته اميدوارن جو تعداد سيٽن کان گھڻو مٿي آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن ڪنھن کي کي ٽڪيٽ ڏيندي ؟ پي ايس 1 جيڪب آباد تي محمد اسلم ابڙو جي ذريعن موجب ٽڪيٽ ڪنفرم آهي، پي ايس 2 ٺل ڊاڪٽر سھراب سرڪي بيهندو، عوامي راءِ آهي ته اين اي 196 جيڪب آباد تي سردار محمد ميان سومرو جو مقابلو مير اعجاز خان جکراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوئي نٿو ڪري سگهي. رھجي وڃي ٿو پي ايس ٽي ڳڙهي خيرو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي مير ممتاز خان جکراڻي مسلسل ٻه ڀيرا  ڪاميابي ماڻي چڪو آهي جيڪڏهن ٻيا سياسي اڳواڻ مير اعجاز خان جکراڻي جي معرفت پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن ٿا ته اڳ  موجود اڳواڻن سردار ذوالفقار سرڪي، مير اورنگزيب خان پنھور جيڪو سردار منظور خان پنهور جو فرزند آهي ۽ ضمني چونڊ وڙھي جيڪب آباد مان ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي مير طاهر خان کوسو، جهانگير خان بنگلاڻي، سردار محمد پناهه خان اوڍو ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳواڻ جيڪي اليڪشن۾حصو وٺڻ لاءِ تيار آھن انھن سڀن کي سان کڻي ھلڻ مير اعجاز خان جکراڻي لاءِ ڪنھن امتحان کان گھٽ نه ھوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو