163

هتي ڊيٽا جي ئي حڪمراني آهي…

ليکڪ:رافعا ذڪريا

ڪورونا وائرس خلاف ڀارت جي جنگ جاري آهي ۽ تازو ئي نيويارڪ ٽائيمز ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۽ ان بابت ٿيندڙ موتن جي سرڪاري انگن اکرن جي حوالي سان هڪ اکيون کولڻ واري رپورٽ ڇپي آهي، نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق شماريات جا ڪيترائي ماڊل ان امر کي واضح ڪري رهيا آهن ته ڀارتي حڪومت بيماري ۽ موت جي شرح کي انتهائي گهٽ ظاهر ڪري رهي آهي،  سرڪاري انگن اکرن مطابق ڀارت ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا 2 ڪروڙ 69 لک مريض سامهون اچي چڪا آهن ۽ 3 لک 7 هزار 231 ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن، پر پنهنجا ماڊلز استعمال ڪندي نيويارڪ ٽائيمز جي ماهرن ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن انتهائي محتاط اندازي مطابق به ڳالهه ڪئي وڃي ته ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 40 ڪروڙ 42 لک آهي، جڏهن ته موتن جو تعداد 6 لک ٿي سگهي ٿو، پر (ان بنياد تي رپورٽ ٿيندڙ هر ڪيس جي نسبت ۾ 20 مريض اهڙا هوندا آهن جيڪي رپورٽ ناهن ٿيندا ۽ اها موت واري شرح 0.3 سيڪڙو آهي) گهڻو امڪان ان ڳالهه جو آهي ته ڀارت ۾ ڪل مريصن جو انگ 53 ڪروڙ 90 لک ٿئي ٿو، جڏهن ته موتن جو تعداد 16 لک رهيو هوندو ۽ (ان بنياد تي رپورٽ ٿيندڙ هر ڪيس جي نسبت 26 مريض اهڙا آهن جيڪي رپورٽ نٿا ٿين ۽ موت جي اها شرح 0.6 سيڪڙو آهي) جيڪا بدترين صورتحال اسان جي آڏو اچي ٿي ان مطابق ڪورونا ڪيسن جو ڪل انگ 70 لک 7 لک  ۽ موتن جو تعداد 42 لک ٿئي ٿو، ڀارت جي سياسي طبقي تي هن وقت وزيراعظم نريندر مودي ۽ بي جي پي حڪومت جا حامي غالب آهن، هي ماڻهو نيويارڪ ٽائيمز جي طرفان سرڪاري انگن اکرن جي چير ڦاڙ ڪرڻ تي سخت ڪاوڙيل نظر اچن ٿا، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ۾ هندو نظرين اختلافي آوازن کي چپ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته صرف غير ملڪي ميڊيا ئي ان قسم جا سوال اٿاري سگهي ٿي، ساڙيل ۽ دفن ڪيل لاشن جي تعداد ۽ سرڪاري انگن اکرن ۾ تضاد جي ڪري اها حقيقت سڀ تي واضح هئي ته سرڪاري انگ اکر صحيح نه آهن، پر هڪ اهڙو ملڪ جتي ٽوئيٽر تي پنهنجي گهروارن لاءِ رت جو عطيو گهرڻ ۽ مودي حڪومت جي حوالي سان تنقيد پوسٽر لڳائڻ تي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو هجي ان ملڪ ۾ ڀلا ڪير حڪومت کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو؟ اها صورتحال هڪ اهڙي مشڪل ظاهر ڪري ٿي جيڪوڏکڻ ايشيا ۾ معمول بڻجي چڪو آهي، هڪ اهڙي ثقافت ۾ جتي حقيقتن ۽ تجربن کي اهميت نه ڏني ويندي هجي اتي اها شيءِ حقيقت هوندي آهي جيڪا طاقتور جي زبان سان ادا ٿي وڃي،پاڪستان ۾ روايتي طور تي ائين دفاعي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي مراعت يافتا سياستدانن جي معاملي ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ڀارت ۾ اهو ڪردار بي جي پي ادا ڪري ٿي، ديسي طاقتور ماڻهو اهو ڄاڻن ٿا ته ڪنهن بحران کي حل ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري ڪم ان بحران جي حوالي سان موجود بيانيو ڪنٽرول ڪرڻ آهي، حقيقت ته اها آهي ته جيڪي ملڪ اهو ڪنٽرول ڪن ٿا اتي گهٽ ئي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي سنجيده معاملن تي ڏنل انگن اکرن تي يقين ڪن،  ان ڪري گذريل ڪجهه مهينن ۾ جڏهن پاڪستاني ڪورونا ڪيسز جو انگ بيان ڪندا هئا ته ان سان گڏ ڦلاڻي جي مطابق جهڙيون تنبيهون به شامل ڪندا هئا. صحت جي مسئلن تي باريڪي سان نظر رکندڙ ڊيٽا تجزياڪارن مطابق ڪيترن ئي سرڪاري دستاويزن ۾ موجود انگ ۽ اکر به اڪثر هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن.ڊان ۾ ئي لکيل هڪ مضمون وقاص يونس لکيو ته پاڪستان سوشل اينڊ ليونگ اسٽينڊرڊ ميئرمينٽ (پي ايس ايل ايم) ۽ پاڪستان ڊيموگرافڪ ايندڙ هيلٿ سروي (پي ڊي ايڇ ايس)هر اشاري لاءِ مختلف انگ اکر فراهم ڪيا، مثال جي طور تي 2012ع کان 2013ع دوران (سنڌ ۾) تربيت ورتل عملي جي موجودگي ۾ ٿيندڙ ڊليورين جي ذمري کي ڏسو، پي ايس ايل ايم مطابق ان جي شرح 53 سيڪڙو جڏهن ته پي ڊي ايڇ ايس مطابق اها شرح 61 سيڪڙو آهي، تربيت ورتل عملي جي موجودگي ۾ ٿيندڙ ڊليوري ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ بهتر هوندي آهي، پر ان شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ان وقت تائين بهتر نٿي ٿي سگهي، جيستائين ان حوالي سان صحيح انگ اکر موجود نه هوندا. ساڳي طرح سال 07-2006ع  دوران جن ٻارن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي (سنڌ صوبي ۾ رهندڙ 12 کان 23 مهينن جي عمر جا ٻار) انهن جي انگ ۾ به فرق آهي، پي ايس ايل ايم مطابق انهن جي شرح 65 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايڇ ايس مطابق اها شرح صرف 37 سيڪڙو آهي، اهو تضاد انتهائي وڏو آهي ۽ اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙن انگن ۽ اکرن تي ڀروسو ڪيو وڃي ۽ انهن کي مستقبل ۾ استعمال ڪيو وڃي، انگن اکرن جي درستگي جي کوٽ سبب به اسان جي ٻين خامين وانگر نو آبادياتي دور کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، ڊيٽا جي بنياد تي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو بنياد انگريزن رکيو هو ۽ پنهنجي اچڻ جي فوري پوءِ انهن وڏي پئماني تي انگ اکر گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو پوءِ رياست جي انتظام ڪاري جو بنياد بڻيو، ڪنهن ذات سان تعلق رکندڙ ڪيترا فرد آهن، ڪيترا هندو ۽ ڪيترا مسلمان، ڪهڙي راجا ڪيتري زمين آهي، انگريزن کي اها سڀ خبر هئي ۽ پوءِ انهن ايندڙ 200 سالن تائين هتي حڪومت ڪئي، ننڍي کنڊ جي ڊيٽا سائنس (جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن کي حقيقت تشڪيل ڏيڻ ۾ مدد ملي) سان گڏ تعارف گهڻو دوستاڻو نه هو، ان ڳالهه کي هاڻ زمانا گذري چڪا آهن، هاڻ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ جي رهيا آهيون جتي ڊيٽا جي حڪمراني آهي، جتي ڊيٽا ئي طاقت آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته طاقت ئي دولت آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته غلط ڄاڻ ڏيڻ بدران هن خطي جي ملڪن کي گهرجي ته اهي انگ اکر ۽ درست ڊيٽا جي ضرورت کي سمجهن، اڄ اسان وٽ جيڪي سپر ڪمپيوٽر ۽ ايڊوانس ماڊلنگ سافٽ ويئر موجود آهن، انهن دستياب ڊيٽا جي مدد سان مستقبل ۾ آبادي جي ضرورتن ۽ درپيش خطرن جي اڳڪٿي ممڪن بڻائي ڇڏي آهي، مثال طور جيڪڏهن اسان وٽ صحيح موجود هجي ته حڪومت مستقبل ۾ ڪنهن بيماري جي پکيڙ جي هنڌ جو تعين ڪري سگهي ٿي ۽ مخصوص علائقن ۾ هدفي ويڪسينيشن ڪري بيماري جي پکيڙ روڪي سگهي ٿي، ڊيٽا جو قدر ڪرڻ ۽ حال ۽ مستقبل ۾ ان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان پرڏيهي طاقتن کان ملندڙ آڇن تي به وڌيڪ باريڪي سان غور ڪري سگهنداسين، ڇا اسان کي ڪنهن ٻئي ملڪ کي فائيبر گلاس ڪيبل وڇائڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، جيڪا لکين صارفين جي ڊيٽا پهچائيندي؟ ڇا قومي سلامتي جي حوالي سان اهو صحيح نه هوندو ته رياست پنهنجي شهرين جي ڊيٽا جو تحفظ ڪري؟ بدقسمتي سان موجوده صورتحال ۾ اسان ان جو جواب نٿا ڄاڻي سگهون؟ حڪومتي عهديدار ته ان قسم جا انگ اکر جاري ڪندا رهندا، جيڪي انهن جي آفيسرن کي خوش رکن ۽ کين مستقل دوکي ۾ رکن، ان رويي جي نتيجي ۾ ئي ننڍو کنڊ ماضي واري ڪالونيل دور ۾ اڃا به موجود آهي، جتي آسان حل ۽ شارٽ ڪٽ جي ڳولا رهي ٿي، جن جي مدد سان معمولي ويڙهون ته کٽي سگهجن ٿيون، پر جنگين ۾ شڪست ٿي وڃي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو