192

”اين آر او نه ڏيندس“ وارو راڳ ۽ هڪ ڪهاڻي…!!

ليکڪ:  حاڪم نصيراڻي

عمران خان گهر ڀيڙو ٿيندو يا نه؟ ڇا پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آھي، پ پ اسيمبلين مان استعفي نه ڏئي عمران خان جي حڪومت کي بچائي ورتو، نواز ليگ بي اعتمادي واري پ پ جي ڳالھه نه مڃي غلطي ڪئي، نواز ليگ مان شھباز ليگ جو قيام عمل ۾ اچي ويو آھي، هي اهي ڳالهيون آھن جن تي بحث ٿيندو رهيو آھي ۽ ٿيندو  رهندو، پر انهن ڳالهين کي ڇڏي آئون اوهان کي هڪ قصو ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هن وقت جون جو مهينو هلي ٿو ۽ هر ماڻھو جون نظرون بجيٽ ۾ آھن ته ڪيتري مهانگائي ٿيندي؟ غريب ماڻھن جي زندگي ڪيئن هلندي؟ قصو ڪجهھ ائين آھي ته هڪ شھر ۾ هڪ معزز ماڻھو رهندو هو، نهايت ئي شريف النفس، غريبن جو يار، مهمان نواز، سخي ۽ انسان دوست هو، سندس بهترين ڪردار جي ڪري شھر جو هر ماڻھو کيس سڃاڻيندو هو، تنهن ڪري ان کي عزت جي نگاهه سان به ڏٺو ويندو هو، پر جئين چوندا آھن ته چڱن پويان ڍلا به هوندا آھن،  سو سندس پٽ به انهن ڍلن جي فهرست ۾ سڀ کان اڳرو هو، سندس پٽ جي عادت هوندي هئي ته چوڪن، چوارهن، گهٽين توڙي رستن تي بيهي وڏي واڪي چوندو رهندو هو ته رٻڙ وٺندس، گليل ٺاهيندس، جهرڪيون ماريندس ۽ پچائي کائيندس، اها وائي هميشه سندس وات تي رهندي هئي، ماڻھو کيس عجيب نگاهن سان ڏسندا هئا ۽ مختلف رايا به ڏيندا هئا، مطلب جيترا وات اوتريون ڳالهيون، هلندي هلندي ڪنهن خيرخواهه ان ڇوڪري جي معزز والد تائين اها ڳالهه پهچائي، پيءُ پنهنجي عزت ۽ شھرت کي سامهون رکي پٽ جي ڪرتوتن سبب پريشان ٿي ويو، علائقي جا ويڄ، طبيب، حڪيم، پير ۽ فقير گڏ ڪيا، پٽ جو خوب علاج ڪرايو پر نه ڦڪين ڪو فرق ڪيو ته نه وري ڪکن جو ڪو اثر پيو ۽ نه وري تعويذ، ڦيڻن ۽ دم درودن سان تڪليف ختم ٿي، نيٺ پيءُ تنگ ٿي پنهنجي پٽ کي علائقي جي چرين واري اسپتال ۾ علاج لاءِ موڪليو، ڊاڪٽرن پنهنجي علم، تجربي ۽ مشاهدي مطابق ڇوڪر جو خوب علاج ڪيو، ڪجهھ ڏينهن جي علاج کان پوءِ ڊاڪٽر مريض جي پيءُ کي اسپتال گهرايو، پيءُ پٽ جي ٺيڪ ٿيڻ جي خوشي ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن سان گڏ اسپتال آيو، ڊاڪٽر پنهنجي علاج ۽ مريض جي ٺيڪ ٿيڻ تي ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي، پنهنجا مهارت جا قصا ۽ علاج ڪرڻ جا طريقا فاتحاڻي انداز سان ٻڌائڻ لڳو، ڪجهھ دير ۾ مريض کي ڊاڪٽر پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو، ڪرسي تي ويهاري سندس پيءُ کي چيو هاڻي جيڪي اوهان جي من ۾ مونجهارا يا ڪي منجهيل سوال هجن ته دل کولي پٽ کان پڇي سگهو ٿا، پيءُ خوش ٿي پٽ کان پڇيو ته آئون ڪير؟ تنهن تي مريض جواب ڏنو ابا سائين اوهان منهنجو اتساهه آھيو، اوهان منهنجا والد محترم آھيو، هيءَ منهنجي جنت، منهنجي لاءِ سڀ ڪجهھ منهنجي مٺڙي جيجل ماءُ آھي، ھيءُ منهنجو پيارو چاچو آھي، هي منهنجي چيلھه جي طاقت يعني منهنجو ڀاءُ آھي، هيءَ منهنجي غيرت، منهنجي پياري ڀيڻ ۽ هي منهنجو محسن  ڊاڪٽر آھي، جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري منهنجو علاج ڪيو ۽ ان قابل بڻايو جو مان پنهنجو برو ڀلو سوچي سگهان، ان جواب کان پوءِ پوري خاندان ۾ سرهائي پکڙجي وئي، مريض پنهنجي ڳالهھ جاري رکندي پيءُ کي چيو ابا سائين هاڻي مون کي پئسا ڏجو ته  آئون ڪاروبار ڪندس، منهنجو ڪنهن سٺي گهر ۾ رشتو ڪرائي شادي ڪرائجو، انشاءَ الله شادي کان پوءِ مون کي اولاد به ٿيندو، سڀني ھاڪار ۾ جواب ڏنو، مريض وڌيڪ چوڻ لڳو پوءِ مان پنهنجي اولاد جي خوب ڌام ڌوم سان سالگرهه به ڪندس، سڀني کي دعوت به ڏيندس، پوءِ مهمان تحفا به آڻيندا، انهن سوکڙين ۾ ٻين شين سان گڏ چڍيون به هونديون، پوءِ مان انهن چڍين مان رٻڙ (لاسٽڪ) ڪڍندس، گليل ٺاهيندس، جهرڪيون ماريندس ۽ پچائي کائيندس، ان جواب کان پوءِ هرڪو هڪ ٻئي جي منهن ڏانهن تڪڻ لڳو،  اڄ ڪلھه اهڙو حشر اسان جي وزيراعظم جو به آھي، جيڪو پنهنجي هر خطاب ۾ چوندو رهي ٿو ته مان اين آر او نه ڏيندس، اسان پريشان آھيون ته اهو اين آر او گهري ڪير ٿو، پ پ وارا چون ٿا ته تون ڪير ٿيندو آھين ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ وارو، اسان توکان ڇا جو اين آر او وٺون پيا؟ ڪنهن توکان اين آر او گهريو، پر تنهن هوندي به وزيراعظم چئي ٿو ته مان اين آر او نه ڏيندس،  جڏهن اهو سوال (ن) ليگ وارن کان پڇيو ويو ته ڇا اوهان اين آر او گهريوآھي؟ انهن جو به پارو به هاءِ ٿي وڃي ٿو ۽ چون ٿا ته عمران خان جي ايتري اوقات ئي ناهي جو اسان اين آر جي ڳالهھ ڪيون، هن وٽ آھي ڇا جو هو ڪنهن کي ڪجهھ ڏئي سگهي، هاڻي انهن پارٽين جي موقف کان پوءِ وزيراعظم صاحب کي گهرجي ته انهن ماڻھن جا نالا کڻي جيڪي اين آر او گهرن ٿا، عمران خان جي سرڪار نيب وسيلي جن جن کي گرفتار ڪيو، آزاد عدليه انهن سڀني کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو مقدس عدليه پاران مختلف وقتن تي نيب جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو ويو ۽ انهن کي ڇنڊ به پٽي وئي، سپريم ڪورٽ جي معزز ججن ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اهو به چيو ته پنهنجن ماڻھن جا ڪيس اينٽي ڪرپشن ۽ مخالفن جا ڪيس نيب ۾ موڪليا وڃن ٿا، اسان کي اوهان جي غيرجانبداري جي خبر آھي، آئين مطابق هر اداري جو پنهنجو هڪڙو ڪم ۽ اختيار آھي، ادارا پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪن پيا، جڏهن به انهن ادارن آئيني اختيارن کي اورانگهي غيرآئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪيا ته جمهور انهن جي خلاف اٿي بيهندو آھي، وزيراعظم ڪهڙي بنياد تي اين آر او جي ڳالهھ ڪري ٿو، نيب جا ماڻھن تي ڪيترائي ڪيس آھن، ڇا اهي  سڀ ڪيس هڪ حڪم تي ختم ٿي ويندا؟ ڇا عدالتون سندن زباني ڪلامي يا لکت وارو حڪم بنا قانوني گهرجن جي اکين تي رکي  سڀني کي آزاد ڪري ڇڏينديون؟ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، شھباز شريف، نواز شريف، مريم نواز ۽ خواجا سعد رفيق سميت ٻيا به ڪيترائي نالا آھن، جن کي ڪورٽن ضمانتون ڏنيون آھن. سپريم ڪورٽ شھباز شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي، باقي اهو اين آر او ڪهڙي بلا آھي؟ جيڪو عمران خان پاڻ وٽ رکي ويٺو آھي ۽ جيڪو ڪنهن کي به ڏيڻ نه ٿو چاهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو