116

ڪڙميءَ جي اهميت ۽ اسان جا رويا….

ليکڪ: پروفيسر گل محمد سومرو

تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ مٿان هر دور ۾ ڪاهون ٿينديون آيون آهن، سنڌ جي سر زمين تي حملن پويان به اھڙيون ڪيتريون ئي سازشون آهن، سنڌ سنڌو درياءَ جي ڪري ھميشه زرخيز رھڻ ڪري ھتي ساوڪ ئي ساوڪ ھوندي ھئي، ھر مند جي پوک ڪئي ويندي ھئي. وونئڻن جي پوک جي ڪري سنڌ جو ڪپڙو صدين کان ڏيھه پرڏيهھ مقبوليت ماڻي چڪو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اسلام جي اچڻ کان اڳ عرب واپار سانگي سنڌ ۾ ايندا رھندا ھئا. سنڌ کي سون بنائڻ ۾، سر سبز بنائڻ  ۾، سنڌ کي ذرخيز بنائڻ ۾ ڪڙميءَ جي آھي، ان جو ڪو انت ئي نه آھي. ڪڙميءَ جي پگھر جو قدر ڪندي شاھ عنايت شھيد ھڪ نعرو ھنيو ته ” جو کيڙي سو کائي“ ۽ انھن جي حقن جي حاصلات لاءِ وڏي جدو جھد ڪئي. نيٺ کيس شھيد ڪيو ويو. انھن تمام سازشن جي  پويان اسان جي پنھنجن جو ئي ھٿ رھيو آھي ۽ رھندو اچي ٿو.ھاري جيڪو فصل تيار ڪرڻ لاءِ ٻج ڇٽڻ کان وٺي لاباري تائين ڏينھن رات ھڪ ڪري فصل سان محنت ڪري ٿو، ھو ان ڪم ۾ راتين جي اوندھ ۾ زمين کي مقدار موجب پاڻي ڏئي ٿو. ته ڏينھن جو ڍور ڍڳي کان بچائڻ لاءِ ھر طرح جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو، ھو پاڻ ھر ڪم سچائي ۽ مخلصي سان سر انجام ڏيڻ ۾ ڀڙ هوندو آھي. سندس ڪم مٽيءَ ۾ ھجڻ ڪري لباس سادو ھوندو آھي ته وري ھو بي انتھا محنت ڪرڻ جي با وجود، پوري ملڪ جي عوام لاءِ پوري سال لاءِ غذائي ۽ غير غذائي فصل پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي به ھو ٻنين جي وچ ۾ ھڪ جهوپڙيءَ ۾ رھي فخر محسوس ڪندو آھي. اسان جي معاشري ۾ وڏيرو ھجي يا ڪو سرمائيدار، واپاري ھجي يا حڪومت پر ملڪ جي بنياد پوڻ کان اڳ جي ڳالهه ڪجي يا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جو ذڪر ڪجي، ھر دور ۾ ڪنھن به ھاريءَ جي محنت جو قدر نه ڪيو ويو نه ئي ھاريءَ جو ڪنھن موڙ تي ڪو احساس ڪيو ويو. پاڪستان جي اندر ٽيڪسٽائل ملون، شگر ملون، جوس ٺاھڻ جا ڪارخانا، ڪپڙي جا واپاري، درزي، ڪاٽن فيڪٽريون، سبزي منڊيون يا فروٽ منڊيون ھجن، انھن سڀني جو ملڪي يا غير ملڪي سطح تي جيڪو به ڪاروبار ھلي رھيو آھي، اھو صرف ۽ صرف ھاريءَ جي محنت جي ڪري ھلي رھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ سال ھاري پوک ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته ھن ملڪ جون ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ٿي وينديون، واپارين کي اربين روپين جو نقصان پئجي ويندو، ملڪ ۾ انھن ڪاروبارن ذريعي جيڪا ڍل ۽ ٽئڪس وصول ٿيندي آھي، اها به بند ٿي ويندي، حڪومت کي پڻ نقصان رسندو. عام ماڻھو روزانو جي بنياد تي کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ پريشان ٿي ويندو. اھي ئي غذائون جڏھن ٻاھرين ملڪن مان گهرايون وينديون ته انھن جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ ھوندا، جيڪي ھڪ عام ماڻھوءَ جي وس کان چڙھيل ھوندا، مطلب ته ملڪي معيشيت کي ھاريءَ جي ھڪ سال لاءِ انڪار ڪرڻ سان جيڪو ڇيھو رسندو ان جو اندازو ھر ھڪ ڪري سگھي ٿو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ھارين ۽ ھنر مند انسانن لاءِ اتان جي حڪومت پاران ميڊيڪل فري جو انتظام ٿيل ھوندو آھي، ۽ ھر ھنر مند ۽ ھاريءَ وٽ ميڊيڪل ڪارڊ موجود ھوندو آھي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنھن به ھنر مند ماڻھوءَ لاءِ ميڊيڪل ڪارڊ جو انتظام ته ڇا پر ھاريءَ لاءِ به اھڙي قسم جون سھوليتون ميسر نه آھن،  غور ڪيو وڃي ته سنڌ سونھاريءَ سان ھر دور ۾ ويساھ گهاتي جو عمل ھجي يا سنڌ جي سر امين تي پلندڙ ھاري، مزدور يا ھنر مند غريب ھجي، ان سان ھر دور ۾ ناجائزي ڪئي وئي آھي، ان جو حق ماريو آھي، ان کي مجبوري ۽ نا انصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙھيو ويو آھي. ھن وقت دنيا با شعور ٿي چڪي آھي، ھن دور جو ننڍڙو ٻالڪڙو به پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافيءَ جي باري ۾ سٺي ڄاڻ رکي ٿو، صحيح ڇا آھي غلط ڇا آھي؟ ھو بھتر انداز ۾ ڄاڻي ٿو. ته پوءِ اھو ڪھڙو سبب آھي جو اڄ جي ھن ترقي يافته دور ۾ به ھاري ۽ ھنرمند انسان کي ان جو حق نه ٿو ڏنو وڃي؟ . جيڪڏھن ھن ملڪ ۾ ھاري ۽ ھنرمند انسانن کي ھٿي ڏني وڃي، انھن کي ڪاروبار ڪرائڻ يا ڪاروبار ۾ نقصان جي صورت ۾ انھن سان ھر طرح جو سھڪار ڪرڻ، ھارين ۽ ھنر مند انسانن کي ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ حڪومتي سطح تي موقعا ڏيڻ، انھن جي لاءِ صحت ڪارڊ جو انتظام ڪرڻ وغيرھ جي عملي قدم کڻڻ سان ملڪ ۾ تمام گهڻي خوشحالي پيدا ٿي ويندي، ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته جڏھن ڪنھن به انسان سان سھڪار ڪيو ويندو آھي يا ان جي ھر ڪم ۾ حوصلا افزائي ڪئي ويندي آھي ته ان انسان جي ان ڪم ۾ سچائي ۽ مخلصي قدرتي طور وڌي ويندي آھي. ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته ملڪ جي ھارين ۽ ھنر مند انسانن لاءِ ترقي ڪرڻ جا موقعا ۽ انھن لاءِ صحت ڪارڊن جي سھوليت ڏيڻ جو عملي ڪردار ادا ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو