ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهريءَ لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪوورنا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا، ترجمان مطابق وڏي وزير هر شهري لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪجهه اهم قدمن ذريعي شهرين کي محفوظ رکڻو آهي، هن صحت کاتي کي صوبي جي هر هنڌ تي ويڪسين جون سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 بنيادي يونٽ قائم ڪري ويڪسينيشن سينٽر قرار ڏنا وڃن، جتي روزانو 30 هزار شهرين کي ويڪسين ڪئي وڃي، هن صحت کاتي کي تعلقي سطح تي موبائل ويڪسينيشن ٽيمون ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان وٽ 605 تعلقا آهن، جتي روزانو 60 هزار ماڻهن کي لازمي ويڪسين ڪئي وڃي، جڏهن ته نجي اسپتالن کي حڪم ڏنو وڃي ته اهي روزانو 10 هزار ماڻهن جي ويڪسين ڪن، هن صحت کاتي هدايت ڏني ته وڌيڪ نجي اسپتالن کي ويڪسينيشن لاءِ رجسٽرڊ ڪيو وڃي، وڏي وزير ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي، خزاني واري وزارت کي هن هدايت ته ويڪسين نه لڳرائيندڙ ملازمن جون جولاءِ کان پگهارون بند ڪيون ويندو، سنڌ جي صحت کاتي مطابق صوبي ۾ هن وقت تائين 15 لک 50 هزار 553 ماڻهن کي ماڻهن کي ويڪسين لڳي چڪي آهي، جن مان 11 لک 21 هزار ماڻهو پهريون ۽ 4 لک 29 هزار ماڻهو ٻيو ڊوز به لڳرائي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 78 هزار 799 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي،جن مان 57 هزار 541 ماڻهن کي پهريون ۽ 21 هزار 258 ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳايو ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته اسان سنڌ کي ٻيهر کولڻ طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻ پابنديون وڌنديون پر گهٽ ٿينديون، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪاروباري سرگرميون گهٽ ٿينديون ته سنڌ حڪومت کي به نقصان ٿيندو، غير مقبول فيصلا شهرين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيا.اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا جهڙي خطرناڪ مرض جو جڏهن ڪو علاج دريافت نه ٿيو هو تڏهن سڄي دنيا خوف واري صورتحال ۾ مبتلا هئي ۽ خاص ڪري اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن جا ماڻهو وڌيڪ پريشان هئا، پر جڏهن ان مرض کي روڪڻ لاءِ ويڪسين تيار ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون ته ماڻهن جي منهن تي مرڪون به تري آيون هيون ۽ هاڻ جڏهن علاج اسان جي در تي موجود آهي ته ان ۾ سستي ۽ ڪاهلي ڪرڻ قومي غفلت آهي، جنهن سان وري به نقصان اسان جو ئي ٿيندو، جيڪڏهن اسان سڀئي ماڻهو ذميواري جو مظاهرو ڪندي ويڪسين ڪرائي وٺنداسين ته شايد اسان هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جهڙا ٿي پونداسين، ان ڪري اسان سنڌ حڪومت جي ڪيل فيصلن جي ڀرپور حمايت ڪندي عوام کي اها گذارش ڪنداسين ته هر ماڻهو ويڪسين ڪرائي ۽ ان حوالي سان موجود افواهن خلاف سجاڳي پيدا ڪري ته جيئن هن قوم جا سمورا فرد ويڪسين ڪرائي ان خطرناڪ بيماريءَ کان محفوظ رهن، ڇو ته هڪ صحتمند فرد ئي صحتمند سماج جوڙي سگهي ٿو.