ACCIDENT 224

خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر 4 ڄڻا فوت، 7 ڄڻا زخمي

سکر  (ويب ڊيسڪ) خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، جنهن  جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رپورٽ مطابق خيرپور ويجهو ٽنڊو مستي گمبٽ لڳ قومي شاهراهه تي واقعو پيش آيو، ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ  ۽ سکر کان ڪراچي ويندڙ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيو، زخمين کي فوري طور خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ فوتين جا لاش به ساڳئي اسپتال منتقل ڪيا ويا،  ايس ايس پي سکر عرفان سمون مطابق حادثو ڪار ڊرائيور کي ننڊ اچڻ ۽ غفلت سبب پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو