اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ موجوده حڪومت قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن جن جو سڄي دنيا ۾ اعتراف ڪيو پيو وڃي، ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، عوام ماحول ۽ قدرتي وسيلن جي ترقيءَ لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ ڀرپور ساٿ ڏي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي زرتاج گل وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڄ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي بين الاقوامي ايونٽ جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي, هن چيو ته هي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحاليءَ لاءِ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن جو اعتراف آهي.
198