لاهور (ويب ڊيسڪ) مذهبي هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار علامه حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لڳائڻ شرعي طور صحيح آهي ۽ وقت جي ضرورت آهي، ويڪسين ۾ ڪا اهڙي شيءِ ناهي جيڪا مذهبي حوالي سان دُرست نه هجي، امام ڪعبه، پاڪستان ۽ دنيا جي سمورن عالمن ۽ مشائخن سميت مون خود به ويڪسين لڳرائي آهي، سوشل ميڊيا تي ويڪسين بابت جهالت تي ٻَڌل ڳالهين کي مذهبي رنگ ڏنو پيو وڃي، ملڪ ۾ جمعي جي خطبي ۾ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان آگاهي ڏني ويندي، گڏيل مشاورت کانپوءِ مزار ۽ مدرسا کولڻ جي حوالي سان لائحه عمل اختيار ڪيو ويندو، سڄي دنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عالمي ملڪن جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ماحوليات واري وزارت ۽ سمورين جماعتون ملي 10 ارب وڻ لڳائينداسين، هر شخص کي انفرادي طور هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي. سعودي عرب جي ولي عهد طرفان پڻ وڻ لڳائڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو، اهڙو اظهار هن گرينڊ جامع مسجد بحريه ٽائون ۾ جمعي نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، علامه طاهر اشرفي چيو ته پوري ملڪ کي اپيل آهي ته هو ڪورونا ويڪسين لڳائي ان ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ناهي جيڪا ديني ۽ شرعي لحاظ کان منع هجي.
152