173

ترقي يافته ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته کين جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ شين جي ترقيءَ ۾ مهارت حاصل آهي، اها ڳالهه هن ڪالهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي منصوبن کي ڪتب آڻيندي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تعاون سان روانگي معيشت جي ترقيءَ بابت هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي چئي، سيليڪون ويلي ۽ دنيا جي ٻين حصن سان تعلق رکندڙ نالي وارين ڪمپنين جي ماهرن ويبنار ۾ حصو ورتو، هي ويبنار پهريون مثال آهي جنهن دنيا جي مختلف شعبن جي ماهرن سان رابطا قائم ڪيا ويا، ويبنار ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيل ترقي ۽ ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو، وفاقي وزير چيو ته اهڙيءَ طرح جي رابطن سان پاڪستان جا پرڏيهه ۾ رهندڙ شهري صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا جيڪي پاڪستان مادرِ وطن کي خوشحالي، ترقي جي راهه ۾ گامزن ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو