190

مسلم ليگ (ن) جي گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبر جاويد لطيف جي ضمانت جي درخواست تي 7 جون لاءِ نوٽس جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت ٽي وي تي رياست ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر جاويد لطيف جي داخل ضمانت جي درخواست تي 7 جون لاءِ نوٽس جاري ڪندي ڪيس جي مدعي جي وڪيل کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو. ايڊيشنل سيشن جج حفيظ الرحمان داخل ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي. ٻڌڻي دوران ميان جاويد لطيف جي وڪيل چوڌري عمران رضا چڌڙ دليلون پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته درخواست ڏيندڙ هڪ سياسي ڪارڪن آهي، حڪومت طرفان بي بنياد الزامن تحت بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ميان جاويد لطيف جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ قيد آهي، عدالت کي درخواست آهي ته ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو