204

سعودي عرب ايندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسين جي سهولت جو اعلان

رياض  (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ايندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسين جي سهولت جو اعلان ٿي ويو. رپورٽ مطابق سعودي صحت واري وزارت ميڊيا کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ وزٽ ويزا تي ايندڙ ماڻهو ترسڻ دوران رجسٽريشن ڪرائي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به ڪورونا سينٽر مان ويڪسين جو ڊوز لڳرائي سگهن ٿا، صحت واري وزارت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جا مرڪز قائم ڪيا آهن جتي توڪلنا ايپ ذريعي وقت وٺي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي سگهجي ٿي، ڪورونا ويڪسين هن وقت سعودي شهرين ۽ ملڪ ۾ ترسيل سمورن پرڏيهين لاءِ مفت دستياب آهي، سعودي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق هن وقت تائين سعودي عرب ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو