اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز (پي آءِ بيز) ۾ هلندڙ مالي سال دوران سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري آمريڪا طرفان ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جرمني ٻئي نمبر تي رهيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال دوران پي آءِ بيز ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاريءَ جو حجم 255.6 ملين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. انگن اکرن مطابق ان دوران 115 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان گڏ آمريڪا سرفهرست آهي، جڏهن ته جرمني جو ٻيو نمبر آهي. جرمني هلندڙ مالي سال دوران پي آءِ بيز ۾ 96.7 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن ملڪن ۾ فلپائن جا سيڙپڪار به نمايان آهن جن هلندڙ مالي سال دوران پي آءِ بيز ۾ 21.4 ملين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي. رپورٽ مطابق پاڪستان واپڊا گرين بانڊز ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ جو ڌيان ڇِڪرايو جيڪو پاڪستاني معيشت جي حوالي سان بين الاقوامي سيڙپڪارين جو مظهر آهي.
140