نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ڪورونا وائرس جا هڪ لک 32 هزار کان وڌيڪ نوان مريض، متاثرن جو تعداد 85 لک 74 هزار کان چڙهي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ وائرس جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 3 لک 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا. گذريل ڏينهن ميڊيا ذريعن مطابق ڀارت ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ آهي، ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو مجموعي تعداد 28574350 آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 132364 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته ان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2713 مريض فوت ٿيا. ڀارتي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 1635976 آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڀارت ۾ مجموعي طور ڪورونا وائرس کان متاثر 26597655 ماڻهو صحتياب ٿيو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر رياست مهاراشٽر آهي جتي ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو تعداد 57 لک کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي سڀ کان وڌيڪ فعال ڪيس پڻ ساڳي رياست ۾ آهي. ڀارت ۾ رياست مهاراشٽر کان علاوه ٻيون رياستون به ڪورونا سبب متاثر ٿيون آهن ان ۾ تامل ناڊو، ڪرناٽڪ، آنڌراپرديش ۽ اتر پرديش شامل آهن. صحت جي عملدارن موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس کان هاڻي تائين 340719 ماڻهو فوت ٿيا آهن.
121