اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب عمران خان جو قلعو هو ۽ رهندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام لاءِ ڌار صوبو ۽ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان وفاق مضبوط ٿيندو، ايندڙ نسل وڌيڪ مستفيد ٿيندو، ان تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪريو ٿا، اهڙو اظهار گذريل ڏينهن لوڌران کان ملتان شاهراهه جي اپ گريڊيشن ۽ بحاليءَ جي منصوبي جي پيڙهه جي پٿر جو بنياد رکڻ تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته لوڌران ملتان موٽر وي سان 3 شهر ۽ 4 چونڊ تڪ لاڀ ماڻيندا، هي چارئي سيٽون تحريڪ انصاف حاصل ڪيون آهن، ڏکڻ پنجاب عمران خان جو قلعو آهي ۽ رهندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام لاءِ ڌار صوبو ۽ سيڪريٽريٽ جو قيام معمولي ڳالهه ناهي، اهڙا ڪم ڏهاڪن ۾ به نه ٿيندا آهن، جن ڪم سان جتي ڏکڻ پنجاب جي عوام کي بي پناهه فائدو حاصل ٿيندو اتي پاڪستان جي فيڊريشن پڻ مضبوط ٿيندي ۽ اهو پاڪستان جي خدمت هوندي، پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان اسان جون ايندڙ نسلون خوش ٿينديون، پي ٽي آءِ جو ورڪر هئڻ جي ناتي مون کي خوشي آهي ته تحريڪ انصاف جي دؤر ۾ هي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام لاءِ نوڪرين جي ڌار ڪوٽا ٿيندي ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام پڻ ڌار هوندو، ان تي ڏکڻ پنجاب جو عوام وزيراعظم جو ٿورائتو آهي.
