116

اقتصادي بهتري ۽ تعميراتي پاليسي جي ڪاميابي جا نتيجا مختلف شعبن ۾ نظر اچي رهيا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان جي اقتصادي بهتري ۽ تعميراتي پاليسي جي ڪاميابي جا نتيجا مختلف شعبن ۾ نظر اچي رهيا آهن، 2017ع ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو سي ڊي اي وٽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين 72 ارب رپيا وڌيڪ آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم سي ڊي اي کي شاباس ڏيندي چيو ته 2017ع ۾ سي ڊي اي کي 5 ارب 80 ڪروڙ رپين جو خسارو درپيش هو ۽ ادارو ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو پر هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي سي ڊي اي وٽ 73 ارب رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته 26 ارب رپيا اڳ ۾ ئي اڪائونٽس ۾ موجود آهن، ويل ڊن! ٽيم سي ڊي اي. وزيراعظم چيو ته مالي استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ وقت اچي ويو آهي ته سڌارا ۽ نئين سر تنظيم کي پنهنجي ترجيح بڻائيندي هاڻي پوري رفتار سان اسلام آباد کي هڪ مثالي شهر بڻايو وڃي. وزخيراعظم چيو ته ٻيا وڏا شهر به پڪي عزم، شفافيت ۽ جدت ذريعي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ پاڻڀرائپ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو