179

عالمي ماحوليات جي ميزباني اسان جي لاءِ اعزاز آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عالمي ماحوليات جي ميزباني اسان جي لاءِ اعزاز آهي، موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ ماحوليات بابت آگاهي فراهم ڪئي، وزيراعظم عمران خان جو ويزن نسلن کي سنوارڻ جو آهي، ماحوليات جي حوالي سان دنيا پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري مملڪتي زرتاج گل پڻ موجود هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن سال 5 جون تي ماحول جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن سال جو موضوع ماحولياتي نظام جي بحالي آهي. هن چيو ته ماحوليات جي حوالي سان اڄ تائين ڪنهن به حڪومت ايتري آگاهي فراهم ناهي ڪئي جيتري موجوده حڪومت ڪئي آهي. ان جو وڏو سبب وزيراعظم عمران خان جو ماحول دوست ويزن آهي. هن چيو ته اسان جا ٻيلا اجڙي رهيا هئا، درياءَ آلودگي جو شڪار ٿي رهيا هئا، نديون نالا ختم ٿي ويا جڏهن ته وڻ اڻلڀ ٿي رهيا هئا، ڪنهن به حڪومت ان بابت سوچيو ئي نه جنهن جي ڪري ماحولياتي نظام کي سخت نقصان پهتو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ هڪ اهڙو ليڊر موجود آهي جنهن جو ويزن نسلن کي سنوارڻ جو آهي. اسان خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي شروع ڪئي، ان پروگرام کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، گڏيل قومن جي ادارن به ان کي ساراهيو، هاڻي اسان 10 بلين ٽرين سونامي شروع ڪئي آهي، ان ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. هن چيو ته انهن قدمن جي ڪري اڄ پوري دنيا پاڪستان کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل کي مبارڪباد ڏني. آخر ۾ هن اسلام آباد پوليس جي ٻن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، اها جنگ جاري آهي، پوري قوم گذريل ڏينهن شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي، ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو