128

پيپر ۾ 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو ڊگها سوال شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي هلندڙ سال ڪورونا واري صورتحال جي ڪري امتحانن جو وقت 3 ڪلاڪن مان 2 ڪلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته  پيپر ۾ 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر  ۽ 20 سيڪڙو ڊگها سوال شامل هوندا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعيم واري وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي تعليم کاتي پنهنجي اسٽيئرنگ ڪميٽي کي 30 جنوري 2021ع جي اجلاس کان پوءِ نائين کان ٻارهين درجي تائين جا امتحان جولاءِ ۾ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته باقي صوبن اِهو اعلان هاڻ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ان ڳالهه کي قبول ڪيون ٿا ته ڪوويڊ جي ڪري تعليم جو ڏاڍو نقصان ٿيو آهي ۽ اسان گذريل سال بنا امتحانن جي سمورن ڪلاسن ۾ ٻارن کي پروموٽ ڪيو پر هن سال سمورن صوبن اتفاق راءِ سان اِهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن صورت به اسان بنا امتحانن جي ٻارن کي اڳئين درجي ۾ پروموٽ نه ڪنداسين. سعيد غني چيو ته هن وقت به سنڌ صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري بهترنه آهي جو اسان ترت ئي تعليمي ادارا کولي سگهون. اسان آهستي آهستي اسٽيپ ۾ انهن کي کولينداسين. هن چيو ته هن سال اسان جتي امتحانن جو وقت 3 ڪلاڪن بدران 2 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو ته اُتي ئي پيپر جي طريقيڪار کي به هن سال لاءِ تبديل ڪيو آهي ۽ هاڻ پرچو 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو طويل سوالن تي ٻڌل هوندو.ان موقعي تي سوالن جي جواب ۾ سعيد چيو ته غير قانوني ڪم ملڪ رياض ڪري يا سعيد غني ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به غير قانوني قبضو نه ٿيڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن بحريا ٽائون جي معاملي تي اُتان جي ماڻهن سان ذيادتي ٿي ته احتجاج هنن جو حق آهي. هن چيو ته 37 هزار نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪورونا جي ڪري ڪجهه پابنديون لڳل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو