اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ غيرجانبدار ٿي ته حڪومت گهر هلي ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌانڌلي سان آيل حڪومت عام ماڻهن جا حق غصب ڪري رهي آهي، حڪومت مخالف مهم جا سمورا آپشنز کليل آهن، 4 جولاءِ تي سوات ۾ پاور شو ٿيندو، ملڪ معاشي لحاظ کان تباهه ٿي چڪو آهي، بجيٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي تياري مڪمل آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومتي قدمن سان نه پر ڪورونا جي ڪري مليل رقم سان معيشت بهتر ٿي آهي.
131