اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 8 هزار ارب رپين واري وفاقي بجيٽ 11 جون تي پيش ٿيندي، پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ متوقع آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ حڪومت جو چوٿون ناڻي وارو وزير شوڪت ترين بجيٽ پيش ڪندو، جنهن ۾ 20 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته معيشت جو حجم 5257 ارب رپيا ۽ معاشي ترقي شرح 4.8 سيڪڙو رهندي، 30 هزار 60 ارب قرضن ۽ وياج تي خرچ ٿيندا، جڏهن ته پگهاردار طبقي جي لاءِ ميڊيڪل الائونس ۽ ڪارپوريٽ ايگريڪلچرل انڪم منافعي تي 4 ارب ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سوشل سيڪيورٽي ادارن لاءِ انڪم ٽيڪس، ايل اين جي ٽرمينلز ۽ آپريٽرز کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.
138