اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جڏهن ته پگهارن ۽ پينشن لاءِ 95 ارب رپيا وڌيڪ مختص ڪرڻ تي غور ويچار ٿي رهيو آهي، هوڏانهن ايندڙ سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 3105 ارب ۽ سبسڊي تي 501 ارب خرچ ٿيندا، جڏهن ته گرانٽس تي 924 ارب ۽ ڊفينس سروسز لاءِ 1330 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
126