127

ڪميشن بابت فيصلي ۾ جهول آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽيس جو اختيار ئي ناهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏههجن ته ان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست پڻ داخل ڪرائي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  بابت فيصلي ۾ جهول آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽيس جو اختيار ئي نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان 1989 کان ٿيل سموريون ڀرتيون پڻ تڪراري ٿي ويون آهن. هن چيو ته وڏي وزير سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي نظرثاني جي درخواست پڻ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پڻ اپيل داخل ڪرائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو