126

سعودي حڪومت پاران سنڌ جي حج پانڌيئڙن لاءِ چيني ويڪسين منظوري جو يقين

اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 83 حياتيون کسي ورتيون آهن، 1893 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جڏهن ته  سنڌ ۾ ڪورونا ۾ وڌيڪ 16 مريض فوت ٿي ويا، 925 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 859 ٽيسٽون ٿيون، جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 3431 مريض صحتياب ٿي ويا، عالمي وبا ۾ وڌيڪ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن،  1893 ڪيس پازيٽو آيا، جڏهن ته مجموعي طور فوتگين جو تعداد 21105 تائين پهتو آهي، ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پهرين کان اٺين جماعت تائين اسڪول 7 جون کان کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته امتحانن جو شيڊول جلد جاري ٿيندو. هوڏانهن  سعودي حڪومت سنڌ جي حج پانڌيئڙن لاءِ چيني ويڪسين جي منظوري جو يقين ڏياريو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سعودي جي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وڏي وزير چيني ويڪسين کي شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، ان دوران سعودي عرب جو قونصل جنرل بندر الديال پڻ موجود هو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اڪثر شهرين چيني  ويڪسين لڳرائي آهي، حج پانڌيئڙن اها ويڪسين قبول ڪئي وڃي، چين جي ويڪسين شامل نه ڪرڻ سان عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي، حج پانڌيئڙن لاءِ ان ويڪسين جي اجازت ڏني وڃي، وڏي وزير چيو ته صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي طرف کان چيني ويڪسين منظور ٿيل آهي، ان موقعي سعودي سفير وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اسان چين جي ويڪسين کي پنهنجي لسٽ ۾ شامل ڪرائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو