209

حامد مير خلاف بغاوت جي ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي شو ”ڪيپيٽل ٽاڪ“ جي ڊگهي عرصي کان ميزباني ڪندڙ ۽ سينيئر صحافي حامد مير خلاف بغاوت جي ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، سردار فرخ مشتاق ايڊووڪيٽ نديم سرور معرفت عدالت ۾ درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، قانون، انصاف، ناڻي وزارت ۽ حامد مير کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حامد مير ملڪي ادارن تي سنگين الزام هنيا آهن، تعزيرات پاڪستان 1860ع جي سيڪشن 124 جي تحت ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو