118

ملالا يوسفزئي جي شادي بابت بيان تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جي شادي بابت بيان تي سوشل ميڊيا تي صارفين سخت تنقيد ڪئي، سندس بيان تنقيد جي ور چڙهي ويو، جڏهن ته معاملو ٽوئيٽر تي ٽاپ  ٽرينڊ بڻيل رهيو، واضح رهي ته ملالا يوسفزئي شادي لاءِ نڪاح نامي تي صحيح ڪرڻ کي غير ضروري قرار ڏنو هو، سندس چوڻ هو ته توهان جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ اوهان کي شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هوڏانهن ملالا يوسفزئي جي والد جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ جي شادي بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو