127

ملڪ ۾ساڄي ڌر جي پارٽين جون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن سگهن ٿيون: بلاول ڀٽو 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ملڪ ۾ساڄي ڌر جي پارٽين جون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃي سگهن ٿيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو  ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ايندي ته عوام کي اٽو، لٽو ، اجهو ۽ روزگار ملندو. ساڄي ڌر جي  پارٽين جي معاشي پاليسين سان رڳو اميرن کي فائدو پهچندو آهي. جڏهن ته اٽي، لٽي، اجهي ۽ روزگار جو واعدو پيپلز پارٽي ئي نڀايو آهي. هن چيو ته هاڻوڪي وفاقي حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن. پر پيپلز پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن کي هميشه جيان حل ڪندي رهندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو