اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ڪيسن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ريلوي آفيسرن اڳوڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب مظفر علي رانجها،اڳوڻو ڊي سي او فيصل آباد نور الامين مينگل ۽ هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ فيصل آباد جي آفيسرن خلاف جاچ جي منظور ڏني وئي، جڏهن ته اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد محمد امين چوڌري،ميان انجم محمد سليم، سليمان، عمران شير علي ۽ خواجا فريد يونس جي رحيم يار خان جي آفيسرن سميت ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته وڏين مڇين خلاف وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي ميگا ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، نيب احتساب سڀني جي لاءِ پاليسي تي قانون مطابق عمل ڪري رهي آهي.
226