گڊو (ويب ڊيسڪ) گڊو ٿاڻي جي حد آبپاشي ڪالوني نمبر ون ۾ منظور احمد مزاري جي گھر اندر سندس گهرواري 25 سالا ڳورهاري مسمات شاهجهان عرف مرادان خاتون جو لاش ھٿ آيو آهي. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور آندو، جتي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ سبب عورت جو لاش 8 ڪلاڪ اسپتال اندر پيل ھو. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت جي وارثن جو چوڻ ھو ته 8 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود اسپتال عملو ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي غائب آھن، ھتي ڪير به انھن کان پڇڻ وارو ڪونھي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ سبب وارث فوت ٿي ويل عورت جو لاش کڻي ديره موڙ مراد واھ پل وٽ انڊس ھاءِ وي تي رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بھجي ويون ۽ ٽريفيڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتولا جي ڀاءَ سانول ٽانوري چيو ته منھنجي ڀيڻ کي مڙس منظور احمد مزاري تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ لاش اسپتال آندو، جتي اسپتال عملو ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او گڊو منظور احمد لغاري ٻڌايو ته فوت ٿي ويل عورت سھجان عرف مرادان جي مڙس منظور احمد مزاري، سندس سئوٽن رياض مزاري ۽ حاڪم مزاري کي گرفتار ڪري گڊو ٿاڻي تي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن واقعي جي جاچ ھلندڙ آھي، فوت ٿي ويل عورت جو پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. عورت جي مڙس منظور احمد مزاري جو چوڻ آھي ته منھنجي گھرواري گھر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آھي، وڌيڪ جاچ ڪرائي وڃي. مسلسل ھڪ ڪلاڪ جي ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار حسين جتوئي ۽ ايس ايڇ او گڊو منظور حسين لغاري ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.
