243

بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف 9 جون تي حيدرآباد تائين مارچ جو اعلان

بدين (ويب ڊيسڪ)  بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ شديد اختيار ڪري وئي آهي، سارين جي فصل جي پوکائي نه ٿيڻ  ۽ پاڻي نه ملڻ تي بدين ضلعو بچايو تحريڪ پاران 9 جون کان بدين پريس ڪلب کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پيادل مارچ جو اعلان ڪيو ويو آھي، بدين ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ عزيز الله  ڏيرو ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال آهي، فصل تباهه ٿي رهيا آهن، پيئڻ لاءِ به پاڻي نه آهي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنھور پاران بدين ضلعو بچايو جي نڪرندڙ پيادل ريلي جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته اسان بدين جو نه پر پوري سنڌ جو پاڻي ٿا گھرون، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعو بچايو تحريڪ جي ڪيل ست سئو ڏھ ڪلو ميٽر پيادل ريلين ۾ شامل رھي آھي، 9 تاريخ تي بدين کان نڪرندڙ پيادل مارچ ۾ ڀرپور شامل رھنداسين. ضلعي بچايو تحريڪ جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر لالا الھنواز شيخ چيو ته اسانجو ڪافلو 9 جون تي پريس ڪلب بدين کان عزيز ڏيرو، خليل ڀرڳڙي، امير آزاد پنھور ۽ حفيظ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ تلھار پھچندو،  جتان مير نور احمد، خداڏنو شاھ شامل ٿيندا، 4 ڏينھن جي پيادل سفر بعد حيدرآباد پھچنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو