سرجاني ٽائون (ويب ڊيسڪ)گلستان جوهر ٿاڻي جي حد چمن اقبال ڪالوني مان جوابدارن نوجوان ناري ثمينا کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد اڇلائي فرار ٿي ويا، ٿاڻي تي ڪيس داخل ھئڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، انصاف نه ملڻ خلاف متاثر خاندان جي عورتن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل ثمينا چيو ته جوابدار لال داس مون کي ٻين جوابدارن سان گڏجي هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس وٽ دانهڻ باوجود انصاف نه ٿو ملي، جوابدار کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي، راڻي ۽ طاهرا چيو ته جوابدار بااثر آهي، جنهن پوليس گرفتار نه ٿي ڪري، ڪيس درج هئڻ باوجود در در دانهون پيا پر ڪو به تدارڪ نه ٿو ٿئي، چيف پوليس ڪراچي ايس ايس پي اوڀر کي اپيل آهي ته جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.
211