227

شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن سبب گهوٽڪي جي ڪچي ۾ چوڪيون قائم، اضافي نفري مقرر

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلو (ن سوڀ) شڪارپور ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۽ گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءِ تي ٺهندڙ پل جي ڪمن کي ڌاڙيلن کان محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليس جي ڪاررواين کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ شڪارپور ۽ ٻين ضلعن کان امڪاني ڌاڙيلن جي آمد کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پنهنجي ضلعي جي سينئر آفيسرن سان گڏجاڻي ڪري هڪ پلان جوڙڻ کانپوءِ سنڌو درياءِ سان لڳ ڪچي جي ٿاڻن ڪچو ٻنڊي ون ۽ ٽو توڙي گيمڙو ٿاڻو جي حدن ۾ سنڌو درياءِ جي بندن تي 15 اضافي پوليس پڪٽون لڳائي پوليس جي وڏي تعداد ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪري الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ايندڙ ويندڙ ماڻهو تي نظر رکي جاچ ڪئي وڃي ۽ شڪي ماڻهو کي ڏسندي ئي گرفتار ڪري فورن بالا آفيسرن سان رابطو ڪري پهچايو وڃي ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۽ گهوٽڪي پل ۽ روڊ جي هلندڙ ڪمن جي آفيسرن ۽ ٺڪيدارن سان پڻ ايس ايس پي گهوٽڪي سنڌو درياءِ جي بند تي گڏجاڻي ڪري گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت ڄاڻ ورتي ۽ ڪچي جي ڏوهارين جي امڪاني ڪارواين جي سلسلي ۾ سيڪورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پوليس جون پڪٽون لڳائي ڏنيون ويون. جڏهن ته ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ سندن جا گهٽ گهير بند ڪري پوليس کي جديد اصلي سان ليس ڪري مورچا بند ڪيو ويو آهي ۽ چئن بڪتر بند گاڏين ذريعي ڪچي جي علائقن ۾ پوليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ آپريشن ۽ مختلف علائقن ۾ پيٽرولنگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو