=حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد فصل جي ڀيل تان ماءُ ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدار سميڙو ڪولهي، جالو ڪولهي، گهماڻو ڪولهي ۽ رگهو ڪولهي کي ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2017ع دوران ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، ننگر پارڪر ٿاڻي تي 2011ع دوران آنبو ڪولهي پنهنجي پٽن نول ڪولهي، ڌانو ڪولهي ۽ زال شريمتي مروان جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو، فريادي جو ڪيس ۾ موقف ھو تھ فصل جي ڀيل تان جوابدارن هم صلاح ٿي پٽن ۽ زال کي قتل ڪرايو هو.
