ليکڪ: مٺل جسڪاڻي
چريو نه ٿي بادل، ڪجهه ڏينهن ترسي پوءِ اچ، منهنجي گهر جو مسئلو حل ٿي وڃي، ٻچن کي ڪو اجهو ملي پوي، في الحال منهنجون اکيون وسن پيون، تون پوءِ وسجان بادل! تون اجائي تڪڙ نه ڪر، چريو نه ٿي بادل، تون پنهنجي واري جو انتظار ڪر، في الحال منهنجون اکيون وسن پيون، تون پوءِ وسجان بادل! گُڙ ڀلي تون، وڏو گوڙ ڪر، جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر هتان تون ٽر، في الحال منهنجون اکيون وسن پيون، تون پوءِ وسجان بادل!اوھان کي ڪجهه ياد آھي يا…؟ گذريل برساتن مان ڪا برسات يا ايندڙ برسات ياد آھي يا نه؟! ڇو ته برسات جي موسم ھر سال موٽي ايندي آھي. ھر سال، يعني سدائين، ھڪ ساريڪي برسات ته شروع کان ئي نه ٿي آھي، نه ئي مستقبل ۾ به ٿيندي، برسات جي مند ھر سال پئي ايندي، ڪنھن سال ٿوري ته ڪنھن سال گهڻي به ٿيندي. مون کي پڇڻو اھو آھي ته اوھان کي ڇا ياد آھي؟ گذريل برسات ياد آھي يا اوھان کي ايندڙ برسات ياد آھي؟ گذريل برسات به گهڻن کي ياد ھوندي. يادگيري جو سبب ڪو ھڪ نه ھوندو. ڪنھن کي گذريل سال يعني 2020ع واري، ڪنھن کي اڃا به گذريل سال 2019ع، 2018ع يا اڃا به گذريل 2011ع واري برسات ياد ھوندي، يا وري اھا برسات ياد ھوندي، جنھن برسات سان ڪا سندر گهڙي، ڪو پيارو پل لاڳاپيل ھوندو، يا وري ڪا اڌ ۾ رھجي ويل آس ياد ھوندي، برسات جي ڦڙين سان لڪي ويل لڙڪ ياد ھوندا، ڪجهه نه ڪجهه، بھرحال برسات جي حوالي سان سڀني وٽ پنھنجون پنھنجون ساروڻيون ھونديون آھن. سچ پڇو ته مون کي منھنجي ٻالڪپڻ جون اھي برساتون به ياد آھن، جيڪي اڪثر سج لٿي کان پوءِ وسنديون ھيون، زوردار برساتون وسنديون ھيون، منھنجي امڙ جو سک ڦٽي ويندو ھو، اسان کي آٿت ڏيندي ھئي، ته ڪجهه ڪونھي، گهڙي سوا ۾ برسات بيھي ويندي، پاڻ پالڻھار کي، خلقڻھار کي سڏيندي، ٻاڏائيندي، خير جي برسات جون دعائون گهرندي ھئي. برسات ھر سال ايندي آھي، پنھنجون يادون ڇڏي ويندي آھي. مون کي ڳچ ساريون برساتون ياد آھن. اجهو ڪلهه ڪلھوڻي ڳالهه آھي. گذريل سال به برسات جي مند شروع ٿي، جتي ڪٿي، ھر ھنڌ، ھڪ جھڙي برسات نه ھئي، پر، پرُ سال واريون برساتون ڪاڇي وارن کان ڪو وسريون ھونديون؟ گذريل سال جون برساتون سانگهڙ، ميرپرخاص، عمر ڪوٽ، بدين ۽ ٽنڊي الھيار ضلعي جي انھن ماڻھن کان ڪيئن وسريون ھونديون، جن جا فصل ۽ ڳوٺ ٻُڏي ويا ھئا يا وري ٻوڙيا ويا ھئا؟ وقت نه بيھندڙ ضرور آھي، پر ويندي ويندي پنھنجون يادگيريون ڇڏي ويندو آھي. برساتون به اينديون آھن ۽ وري وينديون آھن، پر پنھنجون اڻ مِٽ يادگيريون ڇڏي وينديون آھن. ھڪڙيون يادگيريون پنھنجي ذات سان، ٻيون يادگيريون پنھنجي ذات وارن سان، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان، ٻيون يادگيريون انسانيت جي ناتي ٻين عام ۽ خاص ماڻھن جي حوالي سان، سڀني ساھوارن جي نسبت سان، پر برسات جون يادگيريون ياد رھجي وينديون آھن، اھي يادگيريون مھل بي مھل، وري وري پيون ياد پونديون آھن، مون کي گذريل برساتون ان ڪري اچي ياد پيون آھن، ڇو ته 2021ع جي برسات جا ڏينھن اچي ويا آھن. ان ڪري ايندڙ برسات جي ياد به اچي وئي آھي. ياد ان ڪري اچي ڪڙڪي آھي، ته اڳڪٿي موجب 03 جون کان برساتن جو پھريون سلسلو شروع ٿي چڪو آھي، اھو پورو ٿيندو، ته ٿوري ساھي سان برسات جو ٻيون ۽ ٽيون سلسلو به ٿيندو. برسات ھر سال ايندي آھي. گهڻو ڪري ھر سال جي ساڳين ڏينھن، ساڳين ڏينھن نه، ته ساڳين ھفتن، ساڳين ھفتن نه، ته ساڳين مھينن ۾ ايندي آھي، انھن ساڳين ڏينھن، ھفتن ۽ مھينن ۾، سدائين ان مند جا ساڳيا، يعني خريف جا فصل ھوندا آھن، ڀاڄيون ھونديون آھن، ميوا ھوندا آھن. جن جو زراعت سان واسطو، واھپو نه آھي، انھن جو سڌو نه سھي، اڻ سڌو سھي، ڏک سک جو دارومدار زراعت سان به لاڳاپيل آھي. جيڪڏھن نه به آھي، برسات ته گهڻي ايراضي ۾ وسندي آھي، ان ۾ روڊ رستا به ھوندا آھن، ڳوٺ ۽ شھر، انھن جون گهٽيون ۽ بازارون به ھونديون آھن، سرڪاري غير سرڪاري آفيسون، ڪم ڪار جون جايون جڳھيون، عمارتون ئي ڇو، گهر به ھوندا آھن. برسات کان اڳ، راڳو ليپو ضروري آهي، ڦٽي ڦاٽي جي، مرمت به ضروري آهي، جيڪو جيڪو به آھي ڪم، برسات کان اڳي اڳي، اھو ڪم مڪمل ڪرڻو آهي. جيءُ. ھاڻي ڏيو خبر، آھي ڪجهه ياد؟ گذريل يا ايندڙ برسات! ڏيو ته خبر،برسات مان مزا وٺڻ لاءِ، برسات جي آزارن کان، پاڻ ۽ پنھنجن کي، سڀني ساھوارن کي، تڪليفن کان بچائڻ جي لاءِ، ڇا ڇا ڪيو آھي؟ ڇا ڇا ڪرڻو آھي.