127

گڏيل اجلاس آدمشماري نتيجن بابت سنڌ سان انصاف ٿيڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي انڪشاف ڪيو آهي ته هن سي سي آءِ طرفان 2017ع جي آدمشماري کي سرڪاري نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري بابت سنڌ جي اعتراض تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ صدر کي لکيو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق اهو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ايوان ۾ سنڌ جي آبادي جي گهٽ ڳڻپ جو معاملو اٿاريو، رضا رباني چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه 14 اپريل تي ان معاملي تي وزيراعظم کي خط لکيو هو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيندي ته سنڌ مطمئن نه آهي، هن نشاندهي ڪئي هئي ته آئين جي آرٽيڪل 154 (7) تحت اهڙي صورتحال ۾ حتمي فيصلي لاءِ پارليامينٽ مناسب فورم آهي، سينيٽر رضا رباني نشاندهي ڪئي ته وڏي وزير مراد علي شاهه 29 اپريل تي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به خط لکيا هئا، هن چيو ته جڏهن 7 اپريل تي آدمشماري جو معاملو سي سي آءِ ۾ پيش ڪيو ويو هو ته وڏي وزير اعتراض اٿاريو هو ۽ پوءِ بلوچستان جي وزيراعليٰ جي درخواست تي ان کي ملتوي ڪيو ويو هو ۽ 12 اپريل تي ٻيهر اٿاريو ويو هو، هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اڪثريتي ووٽ ذريعي فيصلو وٺڻ ۾ اتفاق راءِ بابت روايت کي ٽوڙيو ويو، آدمشماري صحيح طريقي سان ناهي ڪرائي وئي ۽ سنڌ جي آبادي جي ڳڻپ به صحيح ناهي ٿي، هن سينيٽ چيئرمين کي چيو ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته سنڌ کي آئيني حق ملي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ٻڌايو ته کيس 2 ڏينهن اڳ خط مليو آهي ۽ هن گڏيل اجلاس گهرائڻ لاءِ صدر کي اڳ ئي خط لکي ڇڏيو هو، جنهن جي هڪ ڪاپي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به موڪلي وئي هئي. واضح رهي ته آرٽيڪل 154 (7) ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومت سي سي آءِ جي فيصلي تي بي اعتمادي ڪن ٿا ته اهي ان معاملي کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ موڪلي سگهن ٿا، جنهن جو فيصلو ان معاملي تي حتمي هوندو.اسان سمجهون ٿا ته هي نج صوبي جي جياپي جو مسئلو آهي ۽ ان تي جهڙي نموني سان موجوده حڪومت فيصلو ڪيو آهي اهو سڄي صوبي جي عوام اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ جو وڏو وزير صوبي لاءِ هڪ آئيني جنگ وڙهي رهيو آهي، آدمشماري سياسي کان وڌيڪ معاشي مسئلو آهي، ڇو ته آدمشماريءَ جي بنياد تي ئي صوبن کي فنڊ، ترقياتي منصوبا ۽ ٻيون سموريون سهولتون ملن ٿيون ۽ سنڌ سان 2017ع واري آدمشماري ۾ جنهن قسم جو سلوڪ ڪيو ويو، اهو ناجائزي کان وڌيڪ ظلم جي زمري ۾ اچي ٿو، ڇو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي پنجاب ۾ شامل ڏيکاري ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن جي ڳڻپ ئي نه ڪئي وئي، نه ئي وري ان جاءِ تي ڪي ٽيمون پهتيون ۽ ڄاڻايل تڪراري معاملن تي گذريل حڪومت پڻ سنڌ جي اعتراضن کي تسليم ڪندي اهڙا نتيجا روڪيا هئا، اسان کي اميد آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سنڌ جي خدشن کي سنجيدگي سان نه صرف ٻڌو ويندو پر سنڌ سان انصاف پڻ ڪيو ويندو، اسان کي اها به اميد آهي ته سينيٽ چيئرمين جي لکيل خط جي موٽ ۾ صدر جلد پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري سنڌ کي حق ڏياريندو، ڇو ته هو به سنڌ جو ئي رهندڙ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو