لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر وکريل آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو وفد اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ڪندو اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز کي استعمال ڪري، جيڪڏهن ان ۾ ڪو نقص آهي ته ان کان آگاهه ڪري، هن چيو ته پاليسي فيصلا حڪومت کي ڪرڻا آهن، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ايندڙ اليڪشن ڪهڙي طرح ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن عملدرآمد جو ادارو آهي، ان تي اسان پنهنجي پاليسي اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ بجيٽ آساني سان منظور ٿيندو، عوامي ڀلائي جو بجيٽ آهي، بجيٽ جي منظوري ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل درپيش نه آهي، سمورن اتحادين بجيٽ ۾ پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.
179