اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي آئي اي جي خاص اڏام سائنو فارم ويڪسين جون هڪ ملين خوراڪون کڻي اسلام آباد پهچي وئي. جون جي مهيني ۾ سائنو فارم، سائينوو ويڪ ۽ ڪينسنيو تي ٻڌل ڪل 11 ملين خوراڪون پاڪستان پهتيون آهن. ويڪسينيشن جي سهولتن کي وڌائڻ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ جاري وسيع پيماني تي ويڪسينيشن مهم کي آسان بنائڻ لاءِ ويڪسين جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي کي يقيني بنايو پيو وڃي. اين سي او سي قوم کي ويڪسين لڳرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. تعليم جي شعبي جي ٻيهر افتتاح جو جائزو به وروتو ويو. جن ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي اتي 7 جون کان تعليمي ادارن کي ٻيهر کوليو ويندو.
