لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ)لاڙڪاڻي ڀرسان ٻيڙو چانڊيو ۾ گھر اندر راند ڪندي پاڻي جي حود ۾ ڪري 3 ورهين جو نينگر امير معاويه ماڇي بيهوش ٿي پيو جنهن کي وارثن پاران بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي نينگر جي والد محمد صالح ماڇي ٻڌايو ته پٽ راند ڪندي پاڻي جي حود ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ايمبولينس نه ملڻ سبب نينگر جو لاش چنگچي رڪشا ذريعي وارث کڻائي گهر روانا ٿي ويا جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.
205