لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ)لاڙڪاڻو پوليس بقاپور ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ قتل ٿي ويل عبدالغفور ابڙو جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان اي ايس پي سٽي احمد فيصل چوڌري پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته 29 مئي جي ڏينهن بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ ويجهو ارباب ميمڻ جي زرعي زمين واري کوهه مان نامعلوم همراهه جو لاش هٿ آيو جنهن معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي جنهن ۾ مون سميت ايس ايڇ او بقاپور شامل هئا. هن چيو ته هٿ آيل لاش جي پهريان سڃاڻپ نه ٿي سگهي جنهن ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ بعد ۾ مقتول جي ڀائيٽي نديم ابڙو لاش جي سڃاڻپ عبدالغفور ابڙو طور ڪئي. هن ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۾ معلوم ٿيو ته مقتول کي گوليون هڻي نه پر ان جي منهن تي ٿيلهي ڏئي کيس ٺونشا ۽ مُڪون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو جنهن تي پوليس ٽن جوابدارن عصمت الله، محمد عثمان ۽ محمد صادق کي گرفتار ڪري ورتو جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. اي ايس پي چيو ته جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو آهي ته مقتول عصمت الله کي جنسي طور حراسان ڪندو هو جنهن تي کيس قتل ڪيو ويو آهي.
203