ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جو اڳواڻ فاروق ستار سي ٽي ڊي ڪراچي ۾پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گرفتار ڪيل جوابدارن سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان جي تفصيلن ۾ويندس ته جاچ متاثر ٿيندي،گهڻو نٿو ڳالهايان، سي ٽي ڊي ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي،حقيقتون سامهون اينديون.
157