135

چيف جسٽس پنجاب جي پهرين ڪمرشل ڪورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪروٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد پنجاب جي پهرين ڪمرشل ڪورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد قاسم خان لاهور هاءِ ڪورٽ جا سينيئر ترين جج جسٽس محمد امير ڀٽي جسٽس شاهد ترين ۽ جسٽس جواد حسن به موجود هئا، ڪمرشل ڪورٽ مصالحتي سينٽر ( اي ڊي آر سينٽر ) ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪمرشل معاملن جا جلد فيصلا ملڪي ترقي لاءِ گهڻو ضروري آهن، پنجاب ۾پهرين ڪمرشل ڪورٽ قائم ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ان تي مبارڪباد جو مستحق آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو